جيڪب آباد ۾ غيرقانوني ٽول پلازا خلاف ستين ڏينهن به احتجاجي جلوس ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) سياسي سماجي ديني ۽ واپاري تنظيمن جي شھري اتحاد جيڪب آباد پاران غير قانوني ٽول پلازا خلاف ستين ڏينھن به احتجاج جاري رھيو.ھڪ وڏو احتجاجي جلوس شھري اتحاد جي صدر محمد ياسر ابڙو.جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري،سوشل فورم جي چئرمين ايڊووڪيٽ عبدالحي سومرو،ڪلاٿ مرچنٽ جي جنرل سيڪريٽري حاجي گل حسن ٽالاڻي،جي يو آءِ جي مولانا مولا بخش بکراڻي،فقه جعفريه جي سيد غلام شبير شاھ، ھيومن رائيٽس جي چاڪر خان جکراڻي،واپاري اڳواڻ محمد اظھر انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين اسٽينڊ آباد کان ڪڍيو ويو.مظاھرين مختلف رستن تي مارچ ڪري ٽول پلازا نامنظور،ڀتا ٽيڪس  نامنظور جھڙا ھنيا ۽ مين نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو، ھوڏانھن شھري اتحاد جي سپريم ڪائونسل اجلاس ۾ جي يو آءِ،چيمبرز،ملت جعفريه،ايس ٽي پي ،جماعت اسلامي.سنڌ دوست ڪاميٽي، ھندو پئنچائت، پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو،صرافا يونين ،سوشل فورم،آپڪا،بي اين پي، جي يو پي،پي ايم ايف سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي، فيصلو ڪيو ويو ته عوام دشمن ٽول پلازا خلاف 4 فيبروري تي شھيد الله بخش پارڪ جيڪب آباد کان نئين تعمير ٿيندڙ ٽول پلازا تائين وڏو مظاهرو ڪڍيو ويندو

  1. عمرڪوٽ:روڊ مڪمل ٿيڻ تائين ٽول ٽيڪس اوڳاڙي بند

عمرڪوٽ(رپورٽ: غلام مصطفي مھر) عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي ٻريجي موري لڳ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي پاران ٽول پلازه  قائم ڪري ٽول ٽئڪس وصول ڪرڻ واري معاملي خلاف ٿيل ڀرپور احتجاج آخرڪار رنگ لاٿو ۽ وقتي طور تي ٽول ٽيڪس جي وصولي کي معطل ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ ڊي سي آفيس عمرڪوٽ ۾ شھرين پاران جوڙيل ايڪشن ڪميٽي ۽ ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ جي عملدارن جون اين ايڇ اي جي ايم ڊي سان تفصيلي ڳالھيون ٿيون ڪميٽي پاران ايڊووڪيٽ مير محمد نھڙي واجد لغاري ۽ ٻين ڳالھين ۾ حصو ورتو ان موقعي تي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته اڃان راجا رستي کان عمرڪوٽ تائين روڊ جو تمام گھڻو ڪم باقي رھيل آھي ان باوجود اڳواٽ ٽئڪس وصولي ڪرڻ اصولي طور غيرقانوني آھي ايڊووڪيٽ ميرمحمد نھڙي چيو ته حڪومت ان روڊ جي تعميرات لاءِ 06 ارب روپيا به جاري ڪيا آھن ته پوءِ ڪم ڇو نٿو شروع ڪيو وڃي مسلسل ڳالھين بعد اھو طئي ڪيو ويو ته روڊ مڪمل ٿيڻ تائين ٽول ٽئڪس جي اوڳاڙي بند رھندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.