هيءَ مارشل لا ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

تحرير: حامد مير

جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني کان پڇيو وڃي ته مارشل لا ڇا ھوندي آهي؟ اھو فوري طور تي ٻڌائيندو ته جڏهن فوج اقتدار تي قبضو ڪري وٺندي آھي ته ان قبضي کي مارشل لا چئبو آهي. جيڪڏهن ڪنهن آمريڪي کان پڇيو وڃي ته مارشل لا ڇا ھوندي آهي تھ اھو ٻڌائيندو ته جڏهن گھرو ويڙھ يا امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري ڪنھن رياست يا شهر جو انتظام مخصوص عرصي لاءِ فوج جي حوالي ڪيو وڃي، ته ان وقتي بندوبست کي مارشل لا چيو ويندو آهي پاڪستان ۾ چار ڀيرا فوج  سڌي طرح اقتدار تي قبضو ڪري چڪي آهي ۽ چار فوجي آمر پاڪستان تي  مجموعي طور تي33 سالن تائين حڪومت ڪري چڪا آھن.

آمريڪا ۾ ھن وقت تائين 68 ڀيرا مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي، پر آمريڪا ۾ فوج سياسي حڪومت خلاف بغاوت ڪري اقتدار تي قبضو نه ڪندي آهي.بلڪه ڪنهن رياست جو گورنر يا آمريڪا جو صدر  ھنگامي ۾ فوج کي  خرابي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪم ڏيندو آهي ۽  فوج خرابي کي ختم ڪري واپس هلي ويندي آهي. مثال طور، 1862ع ۾ آمريڪي صدر ابراهم لنڪن گھرو ويڙھ  جي ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي، جنهن دوران شخصي آزادي معطل ٿي وئي ۽ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون.

مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري فرمان کي سينيٽ ۽ ڪانگريس منظور ڪيو ۽ اهو بندوبست چئن سالن تائين برقرار رهيو. 1941ع ۾ آمريڪي صدر روزويلٽ پرل هاربر تي جاپاني حملي کان پوءِ هوائي رياست ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي، جيڪا 2 سال ۽ 10 مهينن کان پوءِ هٽائي وئي.آمريڪا ۾ 68 ڀيرا مارشل لا لاڳو ٿيڻ جي باوجود مارشل لا، جو  لفظ گار نٿو بڻجي.ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر يا ڪنهن رياست جو گورنر صورتحال کي سڌارڻ  لاءِ فوج کي طلب ڪندا رھن ٿا ۽ فوج ھڪ ڀيرو بھ اقتدار تي قبضوڪري  ڪنھن چونڊيل صدر کي جيل ۾ نھ  وڌو آھي.

پاڪستان ۾ مارشل لا جو پهريون تجربو 1953ع ۾ ڪيو ويو، جڏهن لاھور ۾ ختم نبوت تحريڪ دوران  فساد ٿيا ھئا. گورنر جنرل غلام محمد انھن فسادن کي روڪڻ جي لاءِ  لاهور ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ فوجي عدالتون قائم ڪيون. انهن فوجي عدالتن مولانا ابوالاعليٰ مودودي ۽ مولانا عبدالستار خان نيازي کي موت جي سزا ٻڌائي. هي مارشل لا صرف ٻن مهينن کان پوءِ هٽائي وئي ۽ فوجي عدالتن پاران ڏنل سخت سزائون به رد  ٿي ويون، پر  فوج جو سربراھ جنرل ايوب خان گھات ھڻي ويٺو رهيو.هن مارشل لا لڳائڻ جو موقعو ڳولڻ شروع ڪيو. 1958ع ۾ هن، گورنر جنرل اسڪندر مرزا سان گڏجي مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پنھنجي ان سهولتڪار کي گرفتار ڪري قتدار تي مڪمل قبضو ڪري ورتو. جنرل ايوب خان يارنهن سال حڪومت ڪئي ۽ پاڻ کي فيلڊ مارشل به ڊڪليئر ڪيو. هن پنهنجي ھڪ پسنديده فوجي آفيسر جنرل يحييٰ خان کي آرمي چيف مقرر ڪيو ۽ صرف ملڪ هلائڻ تي ڌيان ڏيڻ لڳو.جنرل يحييٰ خان اختيار ملندي ئي پنهنجي باس ايوب خان سان اهو ئي ڪيو جيڪو ايوب خان اسڪندر مرزا سان ڪيو هو.

پاڪستان ۾ فوج هميشه وسيع ملڪي مفاد جي نالي تي اقتدار سنڀاليو ۽ فوجي جنرلن جي اقتدار جي ھوس  ملڪي مفاد کي ھميشھ نقصان پهچايو آهي. فوجي آمر کي جڏھن روڊن ۽ گهٽين ۾ برو چيو ويو تھ ان جو دٻدٻو ختم ٿي ويندو  آھي. انهيءَ ڪري جنرل يحييٰ خان فيلڊ مارشل ايوب خان کي هڪ  ڌڪ ۾ فارغ ڪري ڇڏيو. 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق ٽين مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سپريم ڪورٽ طرفان ڦاھي ڏياري.  جنرل ضياءَ جي حڪومت جو انت هڪ هوائي حادثي جو نتيجو هو. 1999ع ۾  وزيراعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل پرويز مشرف کي سندس عهدي تان هٽائي جنرل ضياءُ الدين بٽ کي آرمي چيف مقرر ڪيو ته فوجي جنرلن بغاوت ڪري ڇڏي ۽ نوازشريف کي وزيراعظم هائوس ۾ گھڙي ڪري گرفتار ڪيو ويو.

نواز شريف تي آرمي چيف جي جهاز کي اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ، ھن کي ڪجهه پرڏيهي دوستن جي مداخلت تي جيل مان ڪڍي سعودي عرب موڪليو ويو. جنرل مشرف نو سال حڪومت ڪئي، ۽ جڏهن هن کي بھ گهٽين ۾ گارين کي منھن ڏيڻو پيو تھ فوجي جنرلن کيس گارڊ آف آنر ڏياري صدارتي محل مان موڪلايو جنرل پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ فوجي اهلڪارن ۽ آفيسرن لاءِ وردي پائي ڪري عام پاڪستاني شھرين ۾ وڃڻ مشڪل ٿي ويو ھو. مارشل لا جو رستو روڪڻ لاءِ، سياسي پارٽين 18 هين ترميم ذريعي عدالتن کان مارشل لا جي حمايت جو  اختيار ڦري سنڌو درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جنرل مشرف تي غداري جو ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جنرل راحيل شريف ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ  اھو  ڪيس  نھ ھلي، پر ڪيس ھليو ۽ سزا بھ ٻڌائي وئي. جنرل قمر جاويد باجوه مشرف کي ڏنل سزا تي عمل ٿيڻ نھ ڏنو، پر سزا ڏيندڙ جج جسٽس وقار سيٺ هڪ هيرو بڻجي ويو.

پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪندڙ هر جنرل جو انجام خراب ٿيو، تنهن ڪري باجوه دور ۾ هڪ نئين ڊاڪٽرائن ايجاد ڪئي وئي.باجوه ڊاڪٽرائن اھا ھئي تھ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان سواءِ  فوج ذريعي ملڪ کي ھلايو وڃي. 2018 جي چونڊن کان پوءِ عمران خان کي وزيراعظم بڻايو ويو، پر عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي کسي وئي. پارليامينٽ ۾ قانون سازي پڻ  فوجي آفيسرن جي نگراني ۾ ٿيندي ھئي ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نون قانونن جا مسودا پڻ آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد طرفان ڪابينا ڏانهن موڪليا ويندا ھئا. عمران خان باجوا ڊاڪٽرائن مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ جنرل فيض حميد جو ڪلهو  استعمال ڪرڻ جي ڪشش ڪئي پر ڪامياب  نھ ٿي سگھيو ۽ اقتدار وڃائي ويٺو. هاڻي ھو جيل ۾ ويٺي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو  آھي.حڪومت عمران خان جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ باجوه ڊاڪٽرائن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

جنرل باجوه جي دور ۾ سياسي گڏجاڻين ۽ احتجاجن تي پابندي لڳائڻ لاءِ هڪ قانون تيار ڪيو ويو، پر اهو قانون اسيمبلي ۾ نه اچي سگھيو. پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري صدارتي آرڊيننس آندو ويو، پر اهو آرڊيننس اسلام آباد هاءِ معطل ڪري ڇڏيو. شهباز شريف حڪومت پبلڪ آرڊر 2024 جي نالي سان پارليامينٽ مان سياسي گڏجاڻين تي پابندي وارو قانون منظور ڪرائي ورتو. پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 پڻ منظور ڪرايو ويو،  فوجي عدالتون اڳ ۾ ئي موجود آهن. هاڻي، پيڪا ترميمي ايڪٽ تحت، خاص عدالتون پڻ قائم ڪيون وينديون ۽ حڪومت جي نقادن کي انهن عدالتن ذريعي سزائون ڏنيون وينديون.  مارشل لا لڳائڻ جي اعلان ڪرڻ بنا مارشل لا لڳائڻ جي جنھن ڊاڪٽرائن تي جنرل باجوا عمل ڪري رھيو ھو. اهو شهباز شريف حڪومت چوري ڪري ورتو آهي.

هاڻي اسان  حڪومت جي اجازت کانسواءِ اسلام آباد ۾ سنگجاني کانسواءِ ڪٿي به سياسي جلسو   نه ٿا ڪري سگهون ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪڏھن  تنقيد ڪنداسين ته فيڪ نيوز پکيڙڻ جي  الزام ۾ خاص عدالتن ۾ ڪيس هلندا.

اھا مارشل لا ناهي ته ڇا آهي؟ شهباز شريف حڪومت، پنهنجي قدمن سان تمام جلد ئي اسان کي اهو چوڻ تي مجبور ڪندي ته سندس حڪومت جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومتن کان تمام گهڻي اڳتي جي شيءَ  آهي. ماضي جي آمرن فوجي وردي پائي جمهوريت کي قتل ڪيو، پر اڄ جي پاڪستان ۾ جمهوريت کي قتل ڪرڻ لاءِ فوجي وردي پائڻ جي ڪا ضرورت ناهي رھي. ان ڪم جي لاءِ ھاڻي سياستدانن  ذريعي پارليامينٽ کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

اھا مارشل لا ناهي ته ڇا آهي؟ شهباز شريف حڪومت، پنهنجي قدمن سان تمام جلد ئي اسان کي اهو چوڻ تي مجبور ڪندي ته سندس حڪومت جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومتن کان تمام گهڻي اڳتي جي شيءَ  آهي. ماضي جي آمرن فوجي وردي پائي جمهوريت کي قتل ڪيو، پر اڄ جي پاڪستان ۾ جمهوريت کي قتل ڪرڻ لاءِ فوجي وردي پائڻ جي ڪا ضرورت ناهي رھي. ان ڪم جي لاءِ ھاڻي سياستدانن  ذريعي پارليامينٽ کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.