واشنگٽن (م ڊ) واشنگٽن ايئرپورٽ ويجهو مسافر جهاز ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر ٽڪرائجي ويا، 30 ڄڻن جا لاش مليا. اڏام ڪينساس کان واشنگٽن پهتي هئي، حادثو درياهه مٿان رن وي ويجهو پيش آيو. حادثي بعد جهاز درياهه ۾ ڪري پيو. جهاز ۾ 64 مسافر سوار هئا، ٻين جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو ويو. هيلي ڪاپٽر ۾ 3 اهلڪار سوار هئا. بچي ويلن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو. ايئرپورٽ تي اڏامون معطل ڪيون ويون. واقعي تي آمريڪا جي اعليٰ اختيارين پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو.