زين شاهه جي آفاق احمد سان ملاقات،ڪئنال رٿا تي ڳالهيون

ڪراچي (پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اعليٰ سطحي وفد پارٽي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ جي  اڳواڻي ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد سان سندس رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي،سيد زين شاھ آفاق احمد پاران سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف آواز اٿارڻ جي آجيان ڪئي ۽ سنڌو درياھ تي قبضي ۽ سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي سان سنڌ کي درپيش سنگين خطرن کان آگاھ ڪيو، ايس يو پي جي وفد ۾ جڳديش آهوجا، منير احمد نائچ، خواجه نويد امين ۽ ٻيا موجود هئا، ٻنهي اڳواڻن سنڌ جي پاڻي تي جبري قبضي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اسان جا سياسي نظرين تي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان سنڌ جي پاڻي ۽ سنڌ ۾ مستقل آباد ماڻهن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، ملاقات ۾ ان ڳالھ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته قانون ۾ ترميم ذريعي غير ملڪين ۽ ٻين  علائقن کان آيل ماڻهن کي هڪ سازش تحت سنڌ ۾ منظم طريقي سان آباد ڪري ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، ملاقات ۾ ان ڳالهھ تي اتفاق ڪيو ويو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جا مستقل رهواسي آهن ۽ اسان کي گڏجي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.