واشنگٽن ۾ جهاز هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجي ويو، 30 لاش مليا

واشنگٽن (م ڊ) واشنگٽن ايئرپورٽ ويجهو مسافر جهاز ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر ٽڪرائجي ويا، 30 ڄڻن جا لاش مليا. اڏام ڪينساس کان واشنگٽن پهتي هئي، حادثو درياهه مٿان رن وي ويجهو پيش آيو.  حادثي بعد جهاز درياهه ۾ ڪري پيو. جهاز ۾ 64 مسافر سوار هئا، ٻين جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو ويو. هيلي ڪاپٽر ۾ 3 اهلڪار سوار هئا. بچي ويلن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو. ايئرپورٽ تي اڏامون معطل ڪيون ويون. واقعي تي آمريڪا جي اعليٰ اختيارين پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.