راڻي پور/گمبٽ (رپورٽ: فياض حسين راڄپر+مجيب قمر شيخ)سنڌو درياهه مٿان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سکر کان ڪراچي پيادل مارچ راڻيپور پهتو، امداد لاڙڪ شوڪت گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ باب دستگير گيٽ تي گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي پيادل مارچ ڪندڙن جا پير پٿون ڪري ويا هر قدم اڳتي هيو حوصلا بلند هيا پيادل مارچ اڳواڻي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، فتاح چنو، منصور ٿيٻو ،ساجد مڱريو ،ڊاڪٽر نذير کوکر، ڪرن نظاماڻي ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 23 فيبروري تي لکين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌو مٿان ڪئنال اڏڻ کي رد ڪندا سنڌو مٿان ڪئنال ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي سنڌ دشمن رٿائون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن ،هنن چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي وسيلن گئس ڪوئلو سميت درياهن جي مالڪي ڪرڻي پوندي هوڏانهن پيادل مارچ گمبٽ قومي شاهراهه تي پهتو، گلن نشاور ڪري آجيان ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته ڪئنال نامنظور آهن، ڪئنال نڪرڻ سان سنڌو درياء سڪي ويندو ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي ۽ پاڻي کان سواء جياپو ختم ٿي ويندو. مارچ ۾ شريڪ ماڻهن اسلم خيرپوري، ڊاڪٽر نذير کوکر، اعجاز ڦلپوٽو، محبت خان مطالبو ڪيو ته ڪئنالن وارو بل واپس ورتو وڃي .