ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي الزام هنيو. پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته اوهان چئو ٿا پرچيون اچڻ بند ٿي ويون آهن پر ڀتو طلب ڪيو پيو وڃي. اوهان اسٽريٽ ڪرائم تي واپارين کان معافي ڇو نه ورتي؟ اوهان ڪراچي جي واپارين جي ڳالهه ڪئي، اوهان کي تڪليف هئي، هنن شڪايت ٻئي هنڌ ڪئي، اسان کي لڳو پيپلزپارٽي چيئرمين ڪجهه ڪندو، اميد هئي ته 15 سالن کان جيڪو هلي رهيو آهي ان تي معذرت ڪندو پر سندس لهجو ڌمڪي وارو هو. جمهوريت جي نالي تي 15 سالن کان هڪ پارٽي جي حڪومت آهي.\
-
ايم ڪيو ايم پنهنجي مئل سياست زندهه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري
ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي پنهنجي مرده سياست کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري. هن هڪ بيان ۾ چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ متحده قومي موومينٽ ماضي جو خواب بڻجي وئي آهي. ايم ڪيو ايم تنقيد ڪري ٿي ته ان کي جوابي تنقيد ملي ٿي ۽ ان جو سياسي قد وڌي ٿو . شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به اڳواڻ جي بيان کي سنجيده نه ٿا وٺون. هن چيو ته واپارين ٿورو مڃيو ته هاڻ نه ٻوري بند لاش ملن پيا نه ڀتي جون پرچيون ملن پيون. ڪاروباري شخصيتن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي جو مقصد واپارين جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي حل سان گڏ پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ هو. واپارين چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.