حيدرآباد(رپورٽر) سانگهڙ جهيڙي ۾ 3 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري عدالت کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ ضياالدين شيخ، نائب صدر ايڊووڪيٽ ظھيرالدين سھتو ۽ جنرل سيڪريٽري شاڪر نواز شر ، عاصم لغاري ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ پوليس بروقت قدم کڻي ها ته جهيڙو ئي نه ٿئي ھا پر پوليس بااثر وڏيرن اڳيان بيوس بڻيل آھي. ھنن چيو تھ قانون تي عملدرآمد ٿيڻ جي ضرورت آھي. هنن چيو ته سانگهڙ واقعي ۾ نوجوانن کي بيگناهه بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، مائرن کان انهن جا پٽ کسيا ويا پر قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو. ھنن چيو تھ متاثرن پاران ايف آء آر لاء 3 ڏينھن کان ڌرڻو جاري آھي پر سرڪاري ادارا نه پھتا آھن. ھنن چيو تھ سانگھڙ ڌرڻي ۾ عورتون روئينديون رهيون ۽ قاتلن جي جلد گرفتاري لاءِ دانهون ڪنديون رهيون پر ڪير ٻڌڻ لاء تيار نه آھي. هنن گهر ڪئي ته سانگھڙ واقعي جو ڪيس مقتولن جي وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي ۽ انهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17