ڪراچي (نمائندا) سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ ڀُنگ عيوض اغوا جي وڌندڙ وارداتن خلاف ۽ امن جي بحالي لاءِ سياسي جماعتن وڪيلن توڙي سول سوسائٽي تي جڙندڙ بحالي امن ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي اڱاري ڏينهن جماعت اسلامي طرفان ڪنڌڪوٽ، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ، لاڙڪاڻو ، دادو، خيرپور، قمبر، نوشهروفيروز جي ايس ايس پيز آفيسن آڏو ڌرڻا هنيا ويا جنهن ۾ شريڪ ماڻهو” امن کپي بس امن کپي، امن جي نگري امن ٿي چاهي، حڪمران امن ڏيو نه ته ڪرسي ڇڏي ڏيو“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. ڪنڌڪوٽ ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان ايس ايس پي آفيس تائين امن ريلي ڪڍي وئي، ايس ايس پي آفيس سامهون لڳل ڌرڻي کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سيعد شيخ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جيڪا ولين، پيرن، درويشن ۽ مهمان نواز ماڻهن جي ڌرتي سڏبي هئي اڄ اُتي ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن جي ڪري هر طرف سُڃ واڪا پئي ڪري، عوام کي ڌاڙيل کان نجات ڏيارڻ لاءِ اسان کي پنهنجي جان ڏيڻي پئي ته ڏينداسين، رت وهائڻي پئي ته وهائينداسين، حڪمران جيڪڏهن ڏوهارين کي لغام نه ڏيندا ۽ مظلوم عوام جو تحفظ نه ڪندا ته اسان سنڌ جي عوام سان گڏجي وزيراعلى هائوس سامهون ڌرڻو هڻنداسين، جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نوشهروفيروز ۾ رٿيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري اُتر سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي. ڌاڙيل جي قهري ڪارواين مان اسان جا ٻار ٻچا، هاري ناري، نياڻيون ۽ صحافي به محفوظ ڪونه آهن، اقليتي برادريءَ عدم تحفظ جو شڪار هجڻ سبب پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهي، ضلعي امير نعيم احمد ڪمبوهه، مولانا هاشم لاشاري، شبير خانزاده ايڊوڪيٽ پڻ خطاب ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻي کي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي برباديءَ، بدامني ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙي کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ آهي ڇو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي پڪي وارن ڌاڙيلن جي مڪمل سپورٽ ۽ پٺڀرائي حاصل آهي، ان موقعي تي ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، جي يو آءِ جو محبت کهوڙو، ايم ڊبيلو ايم ممتاز ميمڻ، جي يوپي حافظ ممتاز ڪولاچي پڻ خطاب ڪيو. سکر ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اتر سنڌ جي 72لک آبادي ڏوھارين ھٿان يرغمال آھي، جن خلاف مزاحمت ۽ پنهنجي نسلن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ اسان کي هاڻي عملي ميدان ۾ اچڻو پوندو، ضلعي امير زبير حفيظ، ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري پڻ خطاب ڪيو. جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو جيڪب آباد ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ۽ سرداري سسٽم اتر سنڌ جي امن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي امير ابو بڪر سومرو، حاجي ديدار لاشاري پڻ موجود هئا. هوڏانهن شڪارپور۾امداد الله بجاراڻي، عبدالسميع ڀٽي، خيرپور۾ صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، ضلعي امير امتياز حسين سهتو، دادو ۾ ضلعي امير عبدالرحمان مڱريو، محمد موسى ٻٻر، امتياز چانڊيو جي قيادت ۾ ڌرڻا هنيا ويا.