پ پ کي سياست جو حق آهي،بلاول کي مسئلو آهي ته اسان سان ڳالهائي:راڻا ثنا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ سياست ڪرڻ جو حق آهي،  بلاول ڀٽو کي جيڪڏهن ڪنهن اشو بابت خبر ناهي ته اسان کي گهرائي وٺي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 26 نومبر تي پشاور کان مخالف ڌر جي ريلي شروع ٿي ته چونگي نمبر 26 تي فائرنگ ڪنهن ڪئي؟ جنهن سبب سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.راڻا ثناءُ الله چيو ته اٽڪ پل کان اسلام آباد تائين 12 هنڌن تي تشدد ٿيو، اتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهيد ٿيا، هن چيو ته معاملو اهو آهي ته اسلام آباد ۾ جتي شرپسندن حملو ڪيو ، ان جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر درجن جي تعداد ۾ آهن ۽ انڪوائري هلي رهي آهي، سموريون ايف آءِ آرز عدالتن ۾ پيش ڪيون ويون آهن 22 ايف آءِ آرز مان 8 ڪيسن کي عدالتن ختم ڪري ڇڏيوآهي ۽ باقي ايف آءِ آرز تي عدالتن ۾ ڪارروائي ٿي رهي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عمران خان چيو ته هو ميان صاحب سان گڏ ويهندو ته پوءِ يقين ڏيان ٿو ته ميان صاحب جو هاڪاري جواب اچي ها، عجيب ۽ غريب تبصرو ڪيو ويو ته ميان صاحب ٻارهون رانديگر بڻجي ويو.هن چيو ته ميان صاحب 21 آڪٽوبر تي چيو هو ته ملڪ ڪٿي پهچي ويو آهي، سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو، جيل وڃڻ ۽ ملاقات ٻي ڳالهه آهي، جيل وڃي ڪري ملاقات ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي، نواز شريف قومي معاملن تي ضد وارو رويو ناهي اختيار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.