لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 50 سالن کان وٺي هٿرادو طريقي سان سنڌ جو امن امان يرغمال بڻيل آهي، ضيائي آمريت شهرن ۾ دهشتگردن، مافيائن ۽ مليشائين کي جنم ڏنو، سنڌ ۾ ڌاڙيل انڊسٽري جو بنياد وڌو پر ملڪ ۾ سنڌ لاءِ اڄ به ضيائي آمريت آهي جو سنڌ جا ماڻهو اڄ به امن امان جي تباهه حال ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، ڌاڙيل، دهشتگردي ۽ منشيات فروش سڄي سنڌ کي لٽين ۽ ڦرين، هن وقت سنڌ جي ٻن ڊويزنن لاڙڪاڻو ۽ سکر جا ننڍا وڏا شهرن ڌاڙيلن حوالي آهن، ننڍن وڏن شهرن ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آهي، سنڌ پوليس ڀتا خور بڻجي وئي جنهن کي ناڪاره ۽ تباهه حال بڻايو ويو آهي جو پوليس سنڌ جي ماڻهن کي امن امان ڏئي نه ٿي سگهي،
هن چيو ته سڄي اتر سنڌ ۾ سنڌي هندئن کي جبري طور لڏايو پيو وڃي جيڪا لڏپلاڻ اڄ به جاري آهي، هن چيو ته سنڌ جي تحفظ ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيئي سنڌ محاذ 22 فيبروري تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ اتحاد ڪانفرنس ڪرائي رهي آهي.