سنڌوءَ مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم آريسر جو سکر کان ڪراچي تائين پنڌ مارچ شروع

سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ) سنڌوءَ مٿان وڌيڪ ڪئنالن جي اڏاوت ۽ گرين پاڪستان رِٿا خلاف جسقم آريسر پاران سنڌو ندي کي گُلن جي ڀيٽا ڏئي سکر کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، اڳواڻن چيو آهي ته ڪئنال جوڙي سنڌ کي ريگستان بڻايو ويندو،  گرين پاڪستان رِٿا سنڌ کي مڪمل طور والارڻ جي سازش آهي، سنڌ دشمن رِٿائون ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪيون وينديون.  جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) آريسر پاران سنڌو نديءَ تي وڌيڪ ڪئنالن جي اڏاوت، گرين پاڪستان انيشيٽو، جبري گمشدگين، ڌارين جي آبادڪاري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي خلاف اعلانيل سکر کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ لانگ مارچ شروع ٿي ويو، اڄ 28 جنوري تي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، جساف صدر اسد سنڌيار ۽ ناري تحريڪ جي صدر ڪرن نظاماڻي، تاج جويو، نظير کوکر، شبير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سکر بئراج وٽ سنڌو نديءَ کي گُلن جي ڀيٽا ڏئي ۽ سنڌ جو ترانو ڳائي لانگ مارچ جو سفر شروع ڪيو ويو. لانگ مارچ ۾ سوين ڪارڪن شريڪ هئا، جن جي هٿن تي جيئي سنڌ جا ڳاڙها جهنڊا ۽ مطالبن تي ٻڌل پلي ڪارڊ هئا. جيڪي ڪئنالن جي اڏاوت، زمينن تي والار، جبري گمشدگين، ڌارين جي آبادڪاري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت سنڌ کي سُڪائي ريگستان بڻائڻ جي سازش آهي، پنجاب پاران سنڌو نديءَ تي لاڳيتو ڌاڙا هڻڻ سبب سنڌ اڳي ئي وڏي مصيبت ۾ آهي، انڊس ڊيلٽا تباهه ٿيڻ ڪري جر کارو ٿي وڃڻ سان گڏ آبي جيوت جي نسل ڪشي ٿي آهي، جنهن سبب ماحوليات کي سخت قسم جا خطرا آڏو آهن، سندس چوڻ هو ته گرين پاڪستان انيشيٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ نالي سنڌ جون زمينون فوجي ڪمپنين حوالي ڪري سنڌ کي ايئن والاريو پيو وڃي جيئن اسرائيل فلسطين کي والاريو آهي. هن چيو ته سنڌي قوم کي اپيل ڪيون ٿا ته وطن تي والار ۽ سنڌو ماءُ ندي کي سُڪائڻ جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ جسقم جي لانگ مارچ کي ڪامياب بڻائن، جسقم مرڪزي جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي چيو ته لانگ مارچ ذريعي رياست کي پيغام ڏينداسين ته سنڌي قوم پنهنجي وطن ۽ ماءُ ندي تي ڪنهن به قيمت تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندي، مارچ ذريعي سنڌي قوم کي جنجهوڙينداسين ته وطن ۽ وسيلن تي قبضا بدترين غلامي جون نشانيون آهن، قومي غلامي سبب سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي خطرا آهن، سنڌي قوم پنهنجي قومي غلامي ۽ قومي استحصال خلاف اُٿي کڙو ٿئي. جساف آريسر جي مرڪزي صدر اسد سنڌيار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سمورا وسيلا کسڻ کانپوءِ هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي بهاني سنڌ جي زمينن تي والار ڪندي سنڌين کان پنهنجو وطن کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي شعور کي چِٿڻ لاءِ تعليمي ادارن کي فوجي ڇانوڻين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هاڻي رٽائرڊ فوجين ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي يونيورسٽيز ۾ وائيس چانسلر طور مقرر ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته وطن ۽ قومي وجود خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌي قوم خاص طور شاگردن کي سياسي مورچي تي منظم ٿي عوامي، سياسي مزاحمت جو رستو وٺڻو پوندو. جيئي سنڌ ناري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪِرن نظاماڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنج سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلو پيرين پنڌ مارچ ڪري سنڌي قوم  سان گڏ عالمي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، 23 فيبروري تي ڪراچي تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو لکين ماڻهن جي تعداد ۾ گڏ سنڌ جو فرياد ميڊيا ذريعي عالمي دنيا آڏو رَکنداسين. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري تاج جويو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مٿان گهڻ رخي حملا ڪيا پيا وڃن، سنڌو ندي مٿان نوان ڪئنال، گرين پاڪستان انيشيٽو رِٿائون، مذهبي جنونيت کي هٿي ڏيڻ، جبري گمشدگين ۽ ڌارين جي آبادڪاري سنڌ مٿان رياستي حملن جو حصو آهن، ڪئنال اڏي فوجي ڪمپنين کي ڏنل هزارين ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ آبادگارن ۽ هاريون جون لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر بڻايون وينديون. جنهن جي خلاف سنڌ ۾ ڀرپور قومي سياسي مزاحمت جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.