چيني سيڙپڪارن پاران سنڌ پوليس خلاف داخل درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾6  چيني سيڙپڪارن پاران سنڌ پوليس خلاف داخل ڪرايل درخواست واپس وٺڻ جو  فيصلو ڪيو ويو آهي،درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، درخوادستگذار سنڌ حڪومت جي انتظامن تي مطئمن آهن،درخوستگذار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ درخواست واپس وٺڻ چاهن ٿا، درخواست تي فوري ٻڌڻي جي به استدعا به ڪئي وئي هئي، ياد رهي ته ڇهن چيني سيڙپڪارن سنڌ پوليس پاران ڀتا خوري ۽ ٻين الزامن تحت درخواست داخل ڪرائي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.