حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ ڪرپشن تان امتحانن جي ڪنٽرولر سميت 3 برطرف

حيدرآباد (رپورٽر) تعليمي بورڊ حيدرآباد ۾ ميگا ڪرپشن جي انڪوائري ۾ ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي امتحانن وارو ڪنٽرولر /ڏس مسرور احمد زئي، آءِ ٽي مئنيجر اعجاز احمد، ۽ جونيئر ڪلارڪ جاويد احمد کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو. تعليمي بورڊ جي چيئرمين احمد علي بروهي پاران جاري ڪيل برطرفي آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو ته ملوث آفيسرن جي ڪري بورڊ کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهتو ۽ ساک متاثر ٿي. انڪوائري رپورٽ مطابق مئٽرڪ ۽ انٽر جي ڪيترن ئي شاگردن جا فارم امتحاني فيس کانسواءِ جمع ڪرڻ، جعلي مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ ۽ مارڪ شيٽ فيس ۾ گهوٻين جا ثبوت مليا. مئٽرڪ جي 447 شاگردن کي بنا فيس جي ويب پورٽل تي اپلوڊ ڪرڻ سبب بورڊ کي 37 لک 62 هزار 160 رپين جو نقصان رسيو. ان عمل سان لاتعداد پرڏيهي، اڻ پڙهيل ۽ غير اهل شاگردن جا امتحاني فارم پڻ جمع ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.