دبئي ( م ڊ ) گڏيل عرب امارتن ۾ شعبان جو چنڊ 31 جنوري تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، عرب ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات جي فلڪيات مرڪز مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي ٻڌايو ته شعبان جو چنڊ 31 جنوري تي نظر ايندو، فلڪيات جي ماهرن چيو آهي ته چنڊ 29 رجب تي نظر نه ايندو. ان ڪري رجب جو مهينو 30 ڏينهن جو هوندو.اهڙي طرح ڏکڻ يورپ، آفريڪا ۽ آمريڪا سميت سمورن مسلمان ملڪن ۾ خميس 30 جنوري تي چنڊ نظر اچي ويندو. اهڙي طرح متحده عرب امارات سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پهرين شعبان جمعي 31 جنوري تي ٿيندي، يو اي اي سميت ٻين ملڪن ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ 28 فيبروري تي نظر اچڻ جو قوی امڪان آهي.