ڌرتي ڌڻين کان اجھا ۽ روزگار نه کسيو: گولاڙچي ڀرسان ڳوٺاڻن جي احتجاجي ريلي

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي ڳوٺاڻن کان زمينون کسڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي لڳ ڳوٺ رمضان ملاح ۾ ڌرتي ڌڻين کان اجھا ۽ روزگار نه کسيو جي سري ھيٺ ڪانفرنس ۽ ريلي ڪئي وئي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر نوراحمد ڪاتيار، ھميرو مل، ضلع صدر مھراڻ درس، سنڌي ھاري تحريڪ ضلع بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ دلدار نوحاڻي،  گلزار نوحاڻي، غلام علي جت، غلام رسول جت، جمعون راڄو، گل محمد ملاح، يار محمد، رحيم ملاح ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته فارم 47 جي جعلي حڪومت جي غير آئيني ۽ غير جمهوري فيصلن کي رد ڪريون ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نوان ڪئنال سنڌ مٿان ايٽم بم ڪيرائڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، هنن ملڪ دشمن منصوبن وسيلي سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. فارم 47 واري حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن جهڙا ملڪ دشمن فيصلا واپس وٺي، هي منصوبا ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جا منصوبا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن سبب ملڪ خصوصن سنڌ ۾ شديد ڏڪار پيدا ٿيندو، لکين هاري بي دخل ٿيندا، بيروزگاري ۾ اضافو ايندو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ابن ڏاڏن کان آباد سنڌين کان زمينون ڦرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياء مان ڇھ ڪئينال ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ۽ غداري ڪئي آھي. نوان ڪئنال ٺاهي، سنڌ جو پاڻي روڪي، سنڌي قوم کي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپائي مارڻ دھشتگردي آھي. انھي موقعي تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻھن وچن ڪيو ته ڌرتي ماءُ آھي جنھن جو هر صورت ۾ دفاع ڪبو، سنڌي عوام پنھنجو وجود زمينون ۽ درياءَ کي بچائڻ لاءِ پرامن جمهوري جدوجھد جاري رکندو. اڳواڻن گھر ڪئي ته بدين ضلع جي سامونڊي پٽيءَ جي سرڪاري زمينن تي زرعي ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي قبضا ختم ڪيا وڃن سمورين سم نالين جي جلد صفائي ڪرائي ڪپر مضبوط ڪيا وڃن، ضلع ۾ بند ڪيل اسڪول بحال ڪري سمورن اسڪولن جي زبون حال عمارتن جي مرمت ڪرائي اسڪولن ۾ استادن فرنيچر ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. اسپتالن ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري جديد دور جي تقاضا موجب مشينري ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن. سنڌ سميت ضلع بدين ۾ منشيات جو ھلندڙ ڪاروبار بند ڪري نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.