اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا ايف بي آر طرفان فيلڊ آفيسرن لاءِ 1010 گاڏيون خريد ڪرڻ واري معاملي تي سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. هن الزام هنيو ته هن پروڪيورمينٽ ۾ شفافيت جي کوٽ آهي، هيل تائين ڪنهن اخبار ۾ اشتهار به جاري ناهي ڪيو ويو. ايف بي آر جو ساليانو ٽيڪس 384 ارب رپيا پورو ناهي ٿي سگهيو ان جي باوجود غير ضروري گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن. هن دعويٰ ڪئي ته اهي گاڏيون خوش ڪرڻ لاءِ خريد ڪيون پيون وڃن ۽ شايد مٿان کان حڪم آيو آهي ته اهي گاڏيون خريد ڪرڻيون آهن. هن الزام هنيو ته مخصوص ڪمپنين کي فائدو ڏنو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن مافيا خلاف آواز اٿاريو وڃي ته ڪيس ٺاهيا وڃن ٿا. مافيا خلاف آواز اٿارينداسين ته ڪيس ٺهندا، فائل کلي ويندا. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ فيصل واوڊا جي اعتراضن جو جواب ڏيندي چيو ته اهي گاڏيون گريڊ 17 ۽ 18 جي فيلڊ عملي لاءِ آهن ۽ انهن تي ٽريڪر هنيا ويندا. اهي گاڏيون سيلز ٽيڪس عملدارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ خريد ڪيون پيون وڃن.