خدا آباد (پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي روح روان، نه وسرندڙ شخصيت سگا جي اڳوڻي سيڪريٽري تعليم نظير احمد ڀنڊ جي اٺين ورسي سگا خدا آباد شاخ پاران گورنمينٽ هاءِ اسڪول خدا آباد ۾ ملھائي وئي، جنهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين، شھرين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي.
ان گڏجاڻي جي صدارت پروفيسر خالد حسين چنا وائيس چيئرپرسن سگا ڪئي، جڏھن ته اعزازي مھمان پروفيسر بخش علي چانڊيو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، نور محمد سيال سيڪريٽري ماليات، شھاب الدين شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت، احمد حسن پنهور سيڪريٽري اطلاعات، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي پيرل خان کوسو، محمد اعظم ميمڻ ۽ مھمانن ۾ رفيق احمد سرھيو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ سگا، محمد سڪندر علي جھتيال جنرل سيڪريٽري سگا ڦلجي اسٽيشن شاخ، پروفيسر رياض احمد چانڊيو سگا ڦل شاخ، غياث الدين شاھاڻي صدر سگا ڪاڇو شاخ، رفيق احمد ميمڻ سگا ڀان سيدآباد شاخ، محمد ابراهيم ڀنڊ، نبي بخش مڱڻيجو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي نور محمد سومرو، نظير نياز جويو، سجاد يوسف سومرو، ڪبير ڀڳت ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
پروگرام جي ڪارروائي خالد جميل ڀنڊ صدر سگا شاخ خدا آباد ھلائي، قرآن پاڪ جي تلاوت جي سعادت الھبچايو پنھور حاصل ڪئي، قل شريف پڙهي مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ دعا گھري وئي ۽ پير بخش جلباڻي شاھه سائين جا بيت ٻڌايا، جڏهن ته عاشق دادوي شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ ذوالفقار علي چانڊيو جنرل سيڪريٽري آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.
مقررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته سائين نظير احمد ڀنڊ متحرڪ ۽ بي مثال رضاڪار ھيو، جيڪو ڏينهن رات پنهنجي ماڻهن سان محبت ڪندو ھو، سگا ۾ رھندي ھن تعليم ۽ صحت لاءِ تمام گھڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون، سندس ڪردار نه وسرڻ جھڙو آھي، ھو ھر ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو ھو.
سگا جي مرڪزي قيادت چيو ته ڪوشش ڪري ايندڙ ورسي تي ھڪ شاندار تاثراتي ڪتاب آڻبو، آخر ۾ سڀني ساٿين گڏجي مرحوم جي آخري آرام گاهه تي گل رکيا ۽ قل شريف پڙهي دعا گهري.
You might also like