"فيڪ نيوز ” جو زمانو آهي.نامي گرامي اخبارون ( جن کي” ايڪس“ جو مالڪ ايلون مسڪ حقارت سان” ليگيسي ميڊيا“ سڏي ٿو) ۾ ڇپيل ”خبر“ تي بھ اعتبار ڪرڻ تي دل نھ چوندي آھي. جيتوڻيڪ بذات خود انھيءَ صنف جي نوڪري چاڪري ۾ عمر گذاري ڇڏي آھي. پروف ريڊنگ سان شروع ٿي،ٽيلي پرنٽر مان ايندڙ خبرن جي اردو ترجمي کان پوءِ رپورٽنگ ڏانهن رخ ڪيو. پنهنجي خبر ٽائيپ ڪري نيوز روم جي حوالي ڪندو ھوس، تھ خبر کي سچي ثابت ڪرڻ لاءِ گھرايو ويندو ھو. "خبر” کي درست ثابت ڪرڻ باوجود ان کي صبح جي اخبار ۾ ڏسڻ نصيب نھ ٿيندو ھو، ڇاڪاڻ ته ان جي ڪري اداري تي عتاب نازل ٿي سگھڻ جو امڪان ھوندو ھو.ڦوڪي ڦوڪي ھلندڙ صحافت سکڻ جي باوجود عمر جي آخري حصي ۾ اھو خوف رھندو آھي تھ ، منھنجي ڏنل خبر "فيڪ” قرار ڏني وئي تھ فيبروري 2024 کان سچائي ۽ ايمانداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل سرڪاري بندوسبت معاف نه ڪندو. ٽن سالن جي سزا ۽ 20 لک رپين جي ڏنڊ جو خوف مجبور ڪري رھيو آھي، تھ صبح جو اٿندي ئي هي ڪالم لکڻ بدران بڪر ڀاڄي جي ريڙھي وٺي گهٽي گھٽي ۾ صدا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيان،پر پيشو بدلائڻ جي همت ناھي رھي.
ڇنڇر جي صبح گهر آيل اخبارن جو پلندو کنيم تھ، حسب ِمعمول ”نواءِ وقت“ کان شروعات ڪئي. ان ۾ خبر ڇپي هئي ته ڪراچي ۾ رهندڙ ڪجهه چيني سيڙپڪارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳيان فرياد ڪيو آھي.انهن جو الزام آهي ته شهر قائد جي پوليس ھنن کان سيڪيورٽي جي نالي تي "ڀتو” طلب ڪري ٿي.جيڪو انھن کي ڏيڻ تي راضي نھ ٿيون، تھ چيني سيڙپ ڪارن کي پيش خطرن جو جواز ڄاڻائيندي انھن جي رهائش گاھن جي ٻاهران لڳل دروازن تي تالا لڳايا ويندا آهن، پنھنجي مشڪلات تفصيل سان بيان ڪرڻ بعد فرياد ڪندڙن ڌمڪي ڏني آھي تھ جيڪڏهن ڪراچي پوليس انهن سان بيان ڪيل اهڙو سلوڪ برقرار رکيو تھ اِھي لاهور منتقل ٿي ويندا. پر انھن مان ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي ئي الوداع ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن.
"نواءِ وقت” ۾ شايع ٿيل خبر پڙهي ته پنھنجي ئي اخبار ۾ نمايان طور تي ڇپيل خبر تي اعتبار نھ آيو. جڏهن ته 1964ع جي صدارتي اليڪشن دوران، منهنجي مرحوم والد مادرِ ملت، محترمه فاطمه جناح سان عقيدت جي ڪري، اسان وٽ ڪيترن سالن کان ايندڙ اخبار جي بدران "نواءِ وقت” خريد ڪرڻ شروع ڪئي ھئي. سبب اسان ٻارن کي والد مرحوم اھو ٻڌايو ھو تھ باقي اخبارون ھن جي سمجھه ۾ پنھنجي پاڻ کي فيلد مارشل مقرر ڪندڙ ايوب خان جي حڪومت جي دٻاءُ هيٺ اچي ڪري مادرِ ملت جي چونڊ مهم کي تقريبن نظرانداز ڪري رهيون آھن. ان کان علاوه، انھن اخبارون قائداعظم جي ڀيڻ بابت گھٽيا زبان پڻ استعمال ٿي رهي ھئي.” نواءِ وقت“ تي 1964ع کان دل ۾ پئدا ٿيل اعتماد باوجود، ياد ڪرڻ تي مجبور ٿيو آھيان تھ انسان کان غلطيون بھ ٿي وينديون آهن. ٿي سگھي ٿو رپورٽر کان مغالطو ٿي ويو ھجي. ھن جي ڏنل خبر دير سان فائل ٿي ھجي.سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، ۽ آخرڪار ايڊيٽر بھ ان جي ڌيان سان ڇنڊ ڇاڻ نھ ڪري سگھيو ھجي.
"نواءِ وقت” کي ڇڏي ڪري گھر ۾ آيل اخبارن جي پلندي مان باقي اخبارن ۾انھي خبر کي ڳولڻ شروع ٿي ويس.انگريزي جي ھڪ موقر اخبار جنھن جو ھيڊڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ ئي آھي، چيني شھرين جي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان رجوع ڪرڻ جي خبر اڃان بھ وڌيڪ تفصلي سان ڇپي ھئي. "نواءِ وقت” جي خبر پڙهي جيڪو وسوسو دل ۾ آيو ھو ان بابت شرمسار ٿيس. اخبارن جي پلندي کي اتي ڇڏي، سوچ ويچار تي مجبور ٿي ويس.
1980ع جي ڏهاڪي جي شروعات ٿيندي ئي پرڏيهي معاملن جي باري ۾ رپورٽنگ ڪرڻ شروع ٿي ويو ھوس.عوامي جمھريھ چين بھ ٻھ ڀيرا چيني حڪومت جي دعوت تي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستاني وزيراعظمن سان گڏ وڃي چڪو آھيان. هڪ ڀيري نجي حيثيت ۾ جاپان ويندي اٽڪل ھڪ ھتو انھيءَ ملڪ ۾ گذاريو. اسڪول جي ڏينهن کان ئي ”چين اپنا يار ھي. اس پر جان ڀي نثار ھي“ واري مصرعھ ياد بھ آھي. ان کان علاوه ”ھماليھ کان بلند ۽ سمند کان گھري دوستي“ جو جملو جيڪو پاڪستاني ۽ چيني سرڪاري وفدن جي وچ ۾ ملاقاتن دوران بار بار ورجايو ويندو آهي.
نواز شريف جي ٽئين حڪومتي دوران، سي پيڪ جو ذڪر به بار بار ٿيڻ شروع ٿي ويو ھو. اسان کي ٻڌايو ويو ته چين جي صدر "ون بيلٽ، ون روڊ” جي خواهش، اسان جي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو سبب بڻجندي. متوقع سيڙپڪاري لاءِ جيڪي رٿون ٺاهيون ويون، انھن کي "سي پيڪ” سڏيو ويو.پر، اپريل 2016 ۾ "پانامھ دستاويز ” منظر عام تي آيا تھ ٽيون ڀيرو وزيراعطم ٿيندڙ نواز شريف جي مددگار ۽ مداحن .مون جھڙي سادڙي ماڻھو کي اھو سمجھائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي تھ ذڪر ڪيل دستاويزن ۾ نوازشريف جو نالو موجود نھ آھي. ڪيترن ئي ٻين رياستي ۽ حڪومتي سربراهن جا نالا ورتا ويا آهن، جن تي الزام آهي ته انهن م ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجي ”ڪرپشن“ جي بدولت ڪيل ڪمائي مختلف بينڪن ۾ لڪائي رکي آھي.بدعنواني سان ڪمايل رقم سان آف شور ڪمپنين ذريعي لنڊن جهڙن شهرن ۾ قيمتي جائيدادون پڻ خريد ڪيون آهن. دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ پاناما پيپرز ۾ ظاهر ڪيل "بدعنواني” کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي. پر پاڪستان ۾ انهن دستاويزن جي سبب هڪ طوفان برپا ٿي ويو.سبب ان جو ملڪ دشمن قوتون ٻڌايون ويون،جيڪي چين جي پاڪستان ۾ سي پيڪ جي نالي، وڏي سيڙپڪاري کان خوش نه آهن.
ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي سڀني اخبارن ۾ مون جيڪا خبر پڙهي آهي، اها مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ته پاڪستان ۾ امڪاني سيڙپڪاري جي حقيقي حوصلھ شڪني پرڏيهي سامراجي قوتن ذريعي نھ بلڪھ ڪراچي پوليس جي ھٿان ٿي رھي آھي.شرمناڪ حقيقت اھا بھ آهي ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 2008 کان وٺي مسلسل اقتدار ۾ آهي. 18 هين ترميم جي تحت امن امان جي مڪمل ذميدار صوبائي حڪومت آهي ۽ پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪ چين دوستي جو حقيقي معمار تسليم ڪيو ويندو آهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت جي هٿان چيني سيڙپڪارن جي پريشاني حيران ڪندڙ محسوس ٿي. منهنجي ڳنتي پر اتي ختم نھ ٿي. چين جي سياسي نظام جي هڪ عاجز شاگرد ھئڻ ناطي مان اهو چوڻ تي مجبور آهيان ته چين جي سفارتخاني جي منظوري کان سواءِ چيني سيڙپ ڪار ھڪ وڪيل جي لکيل درخواست سان ڪراچيءِ پوليس خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائي نھ پئي سگھيا. مختصر طور اھو چئجي تھ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار چيني شھرين کي انھن جي حڪومت ڪا به ٺوس مدد فراهم ڪرڻ کان قاصر آھي.منهنجي ذهن ۾ آيل اھو وسوسو درست آھي تھ خدارار، پنهنجي دل تي هٿ رکي ڪري ٻڌايو تھ پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جو سيڙپڪار ڇو ايندو؟