ملڪ ۾ قانون جوڙيندڙ ادارا ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا کي سوڙھو ڪرڻ جي لاءِ پيڪا ترميمي بل 2025 ۽ ڊجيٽل نيشن بل 2025 منظور ڪرڻ جي لاءِ سنڌرو ٻڌي بيٺا آھن.جنھن بعد انھن جو خيال آھي تھ ڪئين مسئلا حل ٿي ويندا.صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمن ان کي اظھار جي آزادي تي وار قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي آھي، پر انھن جي ھڪ بھ نھ پئي ٻڌي وڃي، اڱاري ڏينھن 28 جنوري تي سينيٽ بھ اھو بل منظور ڪري ورتو آھي.
سنيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت ۾ شروع ٿيو،رانا تنوير حسين، محسن نقوي جي طرفان پيڪا ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت سان منظور ڪري ورتو.تڪراري پيڪا ترميمي بل جي منظوري کان پوءِ مخالف ڌر جا ميمبر ڪاوڙ ۾ اچي ويا، احتجاج طور ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ صحافي به پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ھليا ويا.
خيال آھي تھ ملڪ ۾ رسمي اليڪٽرنڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ ان بعد خاص طور تي سوشل ميڊيا ذريعي فيڪ نيوز پکڙن ٿيون، جنھن ڪري ملڪ ۾وڏو مسئلو آھي.ان ڪري ان کي روڪڻ جي لاءِ قانون جوڙيو ويو آھي.اھي ٽيون ڀيرو آھي جو ان قانون جي مختلف پھلوئن تي ملڪ ۾ بحث ٿي رھيو آھي، ھن کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پڻ اھو ئي ڪم ڪيو ھو، جنھن دوران عدليھ جو رستو کليل ھئڻ ڪري ان قانون کي روڪڻ ۾ مدد ملي وئي.پر بعد ۾ اھو آرديننس ذريعي بھ نافذ ٿيو ھو، ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ اھو ساڳيو قانون جوڙيو ويو ھو.جنھن تي پڻ بحث ٿيو ھو.
دنيا ۾ قانون طاقتور ڪمزور کي سوڙھو ڪرڻ جي لاءِ جوڙيندا آھن.اھو گھڻو پراڻو رواج آھي.جيڪو ھر دور ۾ ٿوري گھڻي ڦيرڦار سان جاري ساري آھي.قانون جوڙيو تھ ھڪ مقصد جي لاءِ ويندو آھي پر اھو اڪثر استعمال ڪنھن ٻئي مقصد جي لاءِ ٿيندو آھي.ان ڪري ھن ڀيري بھ ميڊيا وارن کي اھڙو ئي خطرو آھي.ڪجهه بنيادي ڳالھيون گھڻو اھم آھن. جھوريت يعني تھ گھڻن ماڻھن جي راءِ سان قائم ٿيل عوام جي ڀلائي واري حڪومت. جنھن جي ٿنڀن ۾ قانون جوڙيندڙ ادارا يعني پارليمنٽ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حڪومت جي انتظام ھيٺ ڪم ڪندڙ ادارا، پوليس، فوج، مختلف کاتا، قانون جي تشريح ڪندڙ ادارا يعني عدليھ شامل ھوندا آھن،ان سان گڏ دنيا ۾ صحافت کي رياست جو چوٿون ٿنڀ قرار ڏنو ويندو آھي.جنھن جو اصل مقصد انھن سمورن ادارن جي مٿان چوڪسي رکڻ ھوندو آھي، پر ساڳئي وقت صحافت کي ٻن منھن واري تلوار بھ چيو ويو آھي،جنھن ڪري اھو بھ خطرو ھوندو آھي تھ ملڪ جي ادارن تي تنقيدي نگاھ رکڻ بدران انھن سان ملي ڪري ان جو حصو بھ ٿي وڃي ۽ ڪنھن بھ منفي عمل يا بدعنواني جي خلاف قلم کي خاموش ڪري ڇڏي.
صحافت جي بنيادي ۽ ڪلاسيڪل تشريح ۾ ڪا بھ خبر “فيڪ“ يا ڪوڙي نھ ٿي ٿي سگھي.ڇاڪاڻ جو ان جي ترتيب ۽ جوڙجڪ اھڙي ھوندي آھي جو ڪنھن بھ “خبر“ جي گھرجن مڪمل ٿيڻ کانسواءِ اھا ”خبر“ نٿي بڻجي سگھي.خبر جي تعريف ھي آھي تھ ڇا ٿيو؟ ڪٿي ٿيو ؟ ڪڏھن ٿيو ؟ ڪنھن کان ٿيو ؟ ڪيڏي مھل ٿيو ؟ ۽ اھوسڀ ڪئين ٿيو ؟ جيڪڏھن انھن سمورن سوالن جا جواب موجود ھجن تھ پوءِ ان خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي نھ سگھبو.سو جيڪڏھن صحافت ھڪ فني ڪم آھي،جنھن جي مشق بھ ڪرڻي پئي ٿي.
جئين تھ ملڪ جي ٻين ادارن جھڙوڪ پارليامينٽ،عدليھ ۽ انتظاميھ جي جيڪا صورتحال ھوندي، اھي جييترا سگھارا ھوندا صحافت نھ اوتري ئي سگھاري ھوندي. جيڪڏھن اھي ڪمزور ھوندا تھ صحافت جو شعبو بھ ڪمزور ھوندو.جئين عدالت ۾ ڪنھن بھ واقعي کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ شاھدين جي گھرج ھوندي آھي اھڙي ريت خبر کي درست ثابت ڪرڻ جي لاءِ بھ ان جي شاھدين جي ضرورت ھوندي آھي.
ھاڻي جيڪڏھن رياست جي باقي ٿنڀا ڪمزور ھوندا تھ صحافت بھ ڪمزور ھوندي، ڪيترن ئي ٻين معاملن جيان جديد دور جي گھرجن موجب ميڊيا بھ پاڻ کي ان سان ھم آھنگ ڪري رھي آھي. ھن وقت انٽرنيٽ جي مھرباني سان سوشل ميڊيا جو چرچو عام آھي، بدقسمتي سان جيڪو تعليم جي شعبي کان اڻ واقف آھي اھو ملڪ ۾ ڪيترن ئي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو مالڪ آھي، ڊاڪٽري جي شعبي سان ڪنھن تعلق نھ ھجڻ باوجود اھي اسپتالن جا مالڪ آھي. اھڙي ريت ميڊيا جي ھن ھڻ وٺ جي دور ۾ سڀئي صحافي ٿي ويا آھن. جيڪي ھٿ ۾ موبائل کڻي ڪري صحافي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.
اھڙي لاڙي کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قانون آھن پر وري بھ انھن تي عمل نٿو ٿئي، جڏھن رڳو قانون جوڙي انھن کي ڪتابن ۾ بند ڪري اھي ڪٻٽن ۾ رکيا ويندا تھ ان جو سماج کي ڪو فائدو نھ ٿيندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت دوران جڏھن حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي سخت تنقيد ٿي ھئي تھ ” مثبت خبرن“ جي لاءِ ميڊيا کي حڪم ڪيو ويو ھو تڏھن اسٽيبلشمينٽ ۽ تڏھوڪي حڪومت ساڳي پيج تي ھئا. ان وقت جڏھن ٿيندڙ واقعا يا حڪومت جون ابتيون پاليسيون عوام کي نقصان ڏئي رھيون ھيون ۽ انھن کي وائکو ڪيو پئي ويو تھ ان حوالي ڪھڙو جواز پئي ٺھيو تھ ”مثبت خبرون“ ھلايو جو حڪم ڏنو پئي ويو.
لفظن ۾ ويڙھي ڇا بھ چيو وڃي پر اصل حقيقت ھي آھي تھ ھر حڪومت ان ڳالھھ کان دڄندي آھي تھ ان خلاف تنقيد ڪئي وڃي،اھو ئي سبب آھي جو زماني کان اھڙا قانون دنيا ۾ ٺھندا رھيا آھن ۽ ان خلاف مزاحمت ٿيندي رھي آھي.
جيڪڏھن حڪومت ۽ حڪومتي ادارن جي عوام ۾ ساک ھجي ۽ انھن جي ڳالھھ توڙي واعدي تي عوام اعتبار ڪندو ھجي تھ پوءِ اھو ڪنھن بھ ڪوڙي خبر تي اعتبار نھ ڪندو، پر جيڪڏھن ڪو ماڻھون معتبر ئي نھ ھوندو تھ ان ڳالھھ تي ڪو بھ اعتبار نھ ڪندو.فيڪ نيوز جو ھڪڙو ئي حل آھي تھ حڪومت اصل، حقيقي ۽ سچي ڳالھ کي عوام کان نھ لڪائي وڃي.ڪنھن مشھور شاعر جي شعر آھي جي تشريح آھي ”اسان سڄي زندگيءَ آئينو صاف ڪندا رھيا سين، پر حقيقيت ۾ نطر ايندڙ ڌوڙ تھ اسان جي چھري تي ھئي“