ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) ڏوڪري جي سماجي اڳواڻ احمد رضا سنديلو طرفان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ مچ ڪچھري ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد ڪئي وئي.
مچ ڪچهري ۾ پ پ اڳواڻ ۽ يوسي چيئرمين سرائي منظور حسين مڱڻ، سرائي قمرالدين ميتلو، رئيس احمد خان جتوئي، رئيس ڪفيل جتوئي، سرائي غلام محي الدين مڱڻ، ڊي ايس پي باقراڻي غلام مصطفيٰ ابڙو، ڊي ايس پي ڏوڪري بختيار ملڪ، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، سيد جمن شاھه، سينيئر صحافي اطھر سنديلو، زبير زرار منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت آھي، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿيندي، جنھن تي ھر سنڌي کي خدشا آهن، سنڌو تي ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.
مچ ڪچھري دوران صوفي راڳي خادم حسين خاصخيلي صوفياڻا ڪلام ٻڌائي ويٺلن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.
مچ ڪچھري ۾ اسامه سنديلو، عبدالباسط منگي، ياسر علي، عبدالحفيظ سنديلو، غلام ٻگھيو، جمن جتوئي ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.
Prev Post
You might also like