ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اڱاري ڏينهن ملڪ جي مالياتي موبائل والٽ ايزي پيسا کي ڊجيٽل ريٽيل بينڪنگ (ڊي آر بي) جو پهريون لائسنس جاري ڪري ڇڏيو.
مرڪزي بينڪ جي گورنر جميل احمد اڄ ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران ڊي آر بي جو پهريون لائسنس ايزي پيسا بينڪ لميٽيڊ کي ڏنو.
اسٽيٽ بينڪ هڪ بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي ته ايزي پيسا بينڪ لميٽيڊ کي ڊي آر بي لائسنس ڏيڻ سان جدت کي هٿي ملندي، مالي شموليت ۾ واڌ ٿيندي ۽ سستيون ڊجيٽل مالي خدمتون عام ماڻهن جي پهچ ۾ هونديون.
تقريب ۾ ڊجيٽل بينڪن جا سي اي اوز، پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا ميمبر ۽ ايزي پيسا بينڪ جي سينيئر انتظاميا ۽ اسٽيٽ بينڪ جون سينيئر اختياريون موجود هيون.
You might also like