هاءِ ڪورٽ پاران توهين عدالت تي ميئرڪراچي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

ڪلفٽن بلاڪ 2 مين ۾ واقع پلاٽ ايس ٽي 13 عمر شريف پارڪ جي حيثيت تبديل ڪرڻ جو الزام ۾  علائقي جي رهواسي احمد فهيم پلاٽ جي حيثيت تبديل ڪرڻ خلاف عدالت سان رابطو ڪيو آهي،توهين عدالت جي درخواست ۾ ميئر ڪراچي کانسواءِ ڊي جي پارڪس ۽ هشام تلي کي ڌر بڻايو ويو آهي،  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته 2010ع ۾ عدالت فيصلو ڏنو هو ته پارڪ عوام جي سهولت لاءِ موجود رهندو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نومبر 2024ع ۾ هي پلاٽ ٽن سالن لاءِ هڪ خانگي اداري جي حوالي ڪيو ويو. هڪ خانگي اداري پارڪ مان وڻ ڪٽي سيمنٽ جو فرش ٺاهي ڇڏيو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پارڪ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هتي ڪمرشل بنيادن تي راندين جون سرگرميون شروع ڪيون وينديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود وڻ وڍڻ بابت سيشن ڪورٽ مان اجازت نه ورتي وئي،فيس جي ادائگي سان مشروط راندين جون سرگرميون رفاعي پلاٽن جي الاٽمينٽ جي ضابطن جي خلاف آهن، عدالت ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين کان 3 مارچ تي وضاحت طلب ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.