زلف پيرزادو فقير طبيعت جو مالڪ هو،هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان نڀايو:هڱورجا ۾ تقريب

ھڱورجا(ن ع آ) ھڱورجا پريس ڪلب پاران سنڌ جي بي باڪ صحافي ڀائو زلف پيرزادو جي ورسي ملھائي وئي.تقريب جي صدارت سينيئر صحافي ۽ سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري امداد بوزدار ڪئي.خاص مھمان ڏاھو ۽ دانشور ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ھيو.ان موقعي تي خطاب ڪندي امداد بوزدار چيو ته زلف پيرزادو پنهنجي شخصيت ۾ تمام وڏو ڪردار رکندڙ فقير صفت انسان ھيو ھن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان خوب نڀايو.ساڳئي وقت ھو پنهنجي صحافتي پيشي سان واڳيل ساٿين جو به ڀرجھلو رھيو مشڪلاتن جي باوجود به ھميشه اڳرو رھندو ھيو. ھن عوامي آواز ۽ ڪراچي پريس ڪلب کان گهر ڪئي ته سندس قلمي پورھئي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻين ته جيئن سندس سماجي ۽ صحافتي ڪردار سان انصاف ٿي سگهي. ناليواري ڏاھي ڊاڪٽر فيض جوڻيجو چيو ته زلف سان اسان جو ڳانڍاپو ايم آرڊي جي دور ۾ جڙيو خيالن جي ھڪجھڙائي ھجڻ باوجود ھو ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل ھوندو ھيو ۽ اسان جو دڳ الڳ ھيو. سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد ڪامريڊ سوچ رکندڙ دوستن گهڻي ڀاڱي اخبارن ۾ ڪم ڪيو زلف جي طبيعت ڪافي نرالي ھئي طبيعت ۾ بردبار انسان ھيو. سينيئر صحافي ياسر فاروقي چيو ته زلف جھڙا باڪردار صحافي اڄ  به اسان جي دلين ۾ زنده آهن زلف پنهنجي پيشي سان وفادار ھيو،وقاص آرائين چيو ته ذلف جھڙا صحافي اسان لاءِ مثالي ڪردار آهن.فرمان سھتو چيو ته ڀائو زلف ھميشه مظلوم جي آواز کي ھميشه مٿانهون رکيو ۽ ان تي سوديبازي نه ڪئي.ھو اصول پرست ۽ انسان دوست ماڻهو ھيو.ضمير رڪراڻي چيو ته زلف سنڌ جي قومي مسئلن تي خوب لکيو.تقريب کي محمد مٺل تنيو،اعجاز احمد ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.