ميرپورساڪرو ۾ ماهه رنگ بلوچ سان ايڪتا لاءِ ريلي

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪرو ۾ ماھرنگ بلوچ سان يڪجهتي طور تي ريلي ڪڍي وئي، ماھرنگ بلوچ سنڌ ۽ بلوچستان  کي پنهنجي ڌرتيَ سمجهي ٿي بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ماھرنگ بلوچ جي جدوجهد بلوچستان  جي عوام لاءِ آهي، ريلي ۾ سنڌي بلوچ ڀائي ڀائي جا نعرا ھنيا ويا، آل ڪلمت ويلفئير ايسوسيشن پاران نصير ڪلمتي محمد امين ڪلمتي رقب بلوچ شاھد بلوچ ايڊوڪيٽ ذولفقارعلي زنيگياڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مراد آباد کان مين بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي سنڌي بلوچ ڀائي ڀائي جا نعرا ھنيا ويا انهيَ موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته ماھرنگ بلوچ جي بيان کي سنڌين خلاف نه سمجهيو وڃي ماھرنگ سنڌ بلوچستان  جي محڪوم ماڻهن جي حقن جي حاصلات لا ڏينهون ڏينهن جدوجهد ڪري رهي آهي سندس عظيم جدوجهد کي نقصان ڏيڻ لا ڪجهه ماڻهن ڪوشش ڪري رھيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.