”مريم نواز کي سنڌ ۾ مقرر ڪري مراد شاهه پاڻ وٽ رکو“ ڪراچي جا واپاري

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي واپارين احسن اقبال کان مطالبو ڪيو ته مريم نواز شريف کي ڪجهه وقت لاءِ اسان جي حوالي ڪيو وڃي ۽ مراد علي شاهه کي پنجاب ۾  رکيو وڃي. هڪ تقريب ۾  منصوبابندي  واري وفاقي وزير احسن اقبال سان ڪراچي جي واپارين جي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. واپارين احسن اقبال کان مطالبو ڪيو ته مريم نواز شريف کي ڪجهه وقت لاءِ اسان جي حوالي ڪيو وڃي ۽ مراد علي شاهه کي رکيو وڃي. اجلاس ۾ شريڪ سمورن واپارين مريم نواز کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جي حمايت ڪئي، پر احسن اقبال واپاري اڳواڻن جي مطالبي تي اتفاق سان مسڪرايو ۽ ڪو به تبصرو نه ڪيو.  ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي سعديه جاويد ردعمل ۾ چيو آهي ته زميني حقيقتن کي خوشامد سان تبديل نٿو ڪري سگهجي. خوشامد ڪندڙ جي لفظن کي هڪ باشعور ۽ باوقار ڪاروباري برادريءَ جو بيانيو سڏڻ بيوقوفي آهي. ڪو به سنجيده سياستدان ۽ ذميوار وزير پنهنجي سامهون بيوقوفيءَ کي برداشت نٿو ڪري. هن چيو ته واپارين جو هڪ مخصوص گروهه هڪ سازش تحت سنڌ جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيو آهي، واپارين جو هڪ مخصوص گروهه مختلف فورمن تي ڪاروبار کانسواءِ هر شيءِ جي ڳالهه ڪري ٿو. جمهوريت شطرنج جي راند ناهي ته هڪ ٽڪرو کڻي ٻي جاءِ تي رکي. عوام جا چونڊيل نمائندا عوام جي نمائندگي ڪري رهيا آهن ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ واقعي هڪ ڪاروباري دوست صوبو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.