بلوچستان ۽ ٻيا صوبا مريم نواز جي ويزن تي هلن: عبدالرحمان کيتران

ڪوئيٽا (م ڊ) پبلڪ هيلٿ بابت صوبائي وزير عبدلارحمان کيتران چيو ته بلوچستان سميت ٻيا صوبا تيز رفتار ترقي لاءِ مريم  نواز جي سوچ ۽ ويزن تي هلن. لاهور ۾ مسلم ليگ بلوچستان جي اطلاعت سيڪريٽري سان فون تي ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاڻ کي حقيقي معنيٰ ۾ نواز شريف جي سوچ جو عڪاس ثابت ڪيو. ملڪي سياست ۾ سندس ڪارنامن جو مثال نٿو ملي. بلوچستان واسي نواز شريف سميت ن ليگ جي ٻي قيادت کان مطالبو ڪن ٿا ته قوم جي خوشحالي لاءِ بلوچستان جي ٻندڙ مسئلن جي جٽادار حل لاءِ خاص ڌيان ۽ فوري عملن کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.