سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي خلاف عدالت کي خط

ڄامشورو (ن ع آ)سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي خلاف ملازمن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي خط لکيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي ملازمن ضلعي ۽ سيشن جج منو مل کي خط لکي بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ خلاف  ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي. خط ۾ ملازمن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو قيام پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ٿيو هو، هن بورڊ تعليم جي ترقيءَ لاءِ مفت ڪتابن جي ورڇ جو هڪ جامع منصوبو لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خوابن جو به حصو هو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هاڻي ان جي پارٽي ذاتي فائدي لاءِ هن اهم تعليمي اداري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. لکيل خط ۾ ملازمن سنڌ حڪومت پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي معزز جج کي اپيل ڪئي ته هو فوري ڪارروائي ڪن، ڇو ته اهڙو قدم بورڊ جي مئنڊيٽ کي متاثر ڪندو ۽ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25-اي جي ڀڃڪڙي هوندي، جيڪا ٻارن لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت ڏئي ٿي. ملازمن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ سان ڪتابن کي واپار بڻايو ويندو، جيڪو غريب شاگردن لاءِ ناقابل پهچ بڻجي ويندو. هنن زور ڏنو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تاريخي طور تي غريب شاگردن کي مفت تعليمي ڪتاب فراهم ڪندو رهيو آهي ۽ ان کي واپاري ادارو بڻائڻ سندن بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ برابر هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.