ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيني سيڙپڪارن جي سيڪيورٽي بابت اهم قدمن تي زور ڏيندي آءِ جي سنڌ کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته معاملي جي گڏيل جاچ لاءِ سينئر انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چينين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ ايس او پي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي، خاص طور تي سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن سان لاڳاپيل سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ پوليس ۽ مقامي ميزبان گڏيل ذميواري نڀائي رهيا آهن. ضياءُ الحسن لنجار چيني سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ ۽ ايس او پي تحت مڪمل انتظامن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته چيني سيڙپڪارن کان ڀتي جي ڪا شڪايت رپورٽ ناهي ٿي. سندن سيڪيورٽي تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين.