قاضي احمد ويجهو جوابدار نوجوان کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

قاضي احمد(ن ع آ) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ دوست محمد راھو ۾ جوابدار هڪ نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجو پاڻ کي گولي  هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو، جوابدار منظور راھو فائرنگ ڪري نوجوان زمان راھو کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي ھڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي ٻنھي ڄڻن جا لاش تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪرايا جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ان حوالي سان مقتول ۽ جوابدار جي وارثن جي ذريعن موجب گھرو مسئلن تان جوابدار منظور راھو فائرنگ ڪري زمان راھو کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي ھڻي آپگهات ڪيو آهي. ھوڏانھن پوليس موجب جوابدار ڪارو ڪاري جي معاملي تان نوجوان کي گھر اندر فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي ساڳئي پسٽل سان گولي ھڻي زندگي جو انت آندو. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.