اسلام آباد (م ڊ) حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر شاهه محمد شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو. خط ۾ شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ۽ سنڌ جي ماڻهن جو درياهه جي پاڻي تي پهريون حق آهي. خط جي متن موجب، نواز شريف 1991 ۾ پاڻي جي مسئلي تي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ هڪ معاهدو ڪيو هو. مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر پاران وزيراعظم کي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته معاهدي تحت ڪنهن به صوبي کي ٻئي صوبي جي پاڻي تي ڪو به حق نه هوندو. خط ۾ شاهه محمد شاهه اهو به چيو ته هن معاملي تي جلد ئي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس سڏايو وڃي.