سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ شھر جي مشھور سونارو واپاري سيٺ آسن سني سونارو جي گھر ٻاهران مبيناطور سندس دروازي تي ڀنگ ڏيڻ لاءِ خط ٻڌل ۽ گولين جا کول خط ۾ پڻ شامل ٿيل ھئا اھڙي خط ملڻ بعد واپارين ۾ خوف جي لھر ڇائنجي وئي، احتجاجن سڪرنڊ شھر جي سونارا بازار بند ڪري واپارين احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي سڪرنڊ پوليس کي اطلاع ڪيو سڪرنڊ پوليس واقعي واري هنڌ پھچي دووازي ۾ ٻڌل ڀنگ لاءِ خط پاڻ وٽ رکيو سيٺ آسن داس ٻڌايو ته مون کي فون ڪال ڪري چيو ته آئون ڪشمور کان خادم ڀيو ڳالهائي رهيو آهيان. 10 ڏينهن جي اندر هڪ ڪروڙ ڏيو ۽ اها ڳالھ ڪنهن سان به نه ڪندا. اگر اها ڳالهھ ظاهر ٿي ته هر نقصان جا ذميوار پاڻ ھوندا. هن ٻڌايو ته گذريل رات ٻاهرئين دروازي اندر نامعلوم ماڻھن پاران ھڪ خط ۽ ٻه گوليون ڇڏيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته خط ۾ پڻ جلد پئسا ڏيڻ جو لکيو ويو آهي هن چيو آئون ڪاروباري ماڻھو آهيان، مون کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ مليل خط ۽ وائيس ميسيج جي مڪمل جاچ ڪرائي پئسا گهرندڙ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ڏوهارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي سڪرنڊ پوليس سيٺ آسن داس جي دڪان تي پوليس مقرر ڪري ڇڏي آهي.