فيڪ نيوز جو چئلينج آهي،ماحولياتي تبديلين سبب سنڌ وڌيڪ ڀوڳي پئي:بلاول

ڄامشورو(رپورٽ:صدرالدين جوڻيجو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌو تھذيب انساني تھذيب جو وڏو حوالو آھي. اسان جي ماڻھن موھن جي دڙي جھڙا شھر اڏيا جتان جو  نيڪاسي جو نظام اڄ به وڏو مثال آھي،اھڙن خيالن جو اظھار ھن مھراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري سنڌ وڌيڪ ڀوڳي رھي آھي،سمنڊ جي چاڙھ سان زمين وئي آھي،ماڻھن کي ٻوڏن دوران لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آھي،جٽادار ترقي لاءِ ماحولياتي سختين کان محفوظ زراعت ۾ آھي. ھن چيو ته ماحولياتي تبديلي رڳو ماحولياتي مسئلو ناھي پر انصاف جو به مسئلو آھي. ھن چيو ته فطرت جي سامھون انسان کي ڏکيائون آھن، سائبر سيڪيورٽي اسان جي دور جو وڏو مسئلو آھي،فيڪ نيوز جو چئلينج آهي،ھن چيو ته ھر فرد کي ڊجيٽل دنيا جي مشڪلاتن ۽ سھولتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. بلاول ڀٽو چيو ته سافٽ ويئر ٺاھڻ،آرٽيفشل انٽيليجنس تي ڪم ڪرڻ ۽ ٻيون ايجادون ڪرڻ وارا نوجوان اڄوڪي دنيا کي بچائي ۽ اڳتي وٺي وڃي سگھن ٿا،ھن چيو ته ڄامشورو ۾ پڙھندڙ نوجوان دنيا ۾ نالو ڪمائيندا،مھراڻ يونيورسٽي جا شاگرد، سنڌ جا شاگرد سعودي ۽ دبئي ۾ به مقابلو کٽي آيا آھن،ھي نوجوان ملڪي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندا. بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جو وڏو وزير به انجنيئر آھي، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به انجنيئر آھي ھي ايترا مھراڻ جا انجنيئر مھراڻ جا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪون ھجن، توھان زندگي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رھيا آھيو، توھان کي مھراڻ مان جيڪو سيکاريو ۽ پڙھايو آھي اھو سنڌ ۽ ملڪ جي خوشحالي لا ڪم آڻيندا. سيد مراد علي شاھ چيو ته انجنيئر، ٽيڪنالاجي جا ماھر ۽ سائنسدان قومي ترقي ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا آھن،وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ۾ اڄ المنائيز جي اڪثريت آيل اھي، انھن ۾ ڪجهھ وزير آھن،ڪجهھ قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جا ميمبر آھن. ھن بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توھان نوجوانن جي ترقي ۽ تعليم لا فڪرمند رھندا آھيو، ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ڀٽو شھيد جي دور ۾ ٺھي ھئي، اڄ بلاول انھي ورثي جو وارث اسان وچ ۾ آھي،هن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ملڪ جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ بھترين رينڪنگ تي آھي اسان چاھيون ٿا ته مھراڻ يونيورسٽي پاران بلاول ڀٽو جي نالي نوجوانن جي سکيا جو ادارو کلي جنھن لاءِ مھراڻ يونيورسٽي جي سائيٽ حيدرآباد ۾ زمين موجود آھي،ھن چيو ته سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ بسون ڄامشورو جي يونيورسٽين لاءِ  ھلائي مھراڻ يونيورسٽي چارجنگ لا جاءِ ڏيندي،جڏهن ته ڪانووڪيشن جي افتتاحي تقريب دوران 19 پي ايڇ ڊي، 58 ماسٽرز ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبي جي 80 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.