يوسف رضا گيلاني جو طاقتور قوتن خلاف اڻ اعلانيل احتجاج؟

اسلام آباد(عمران شفقت)يوسف رضا گيلاني بطور چيئرمين سينيٽ  اعجاز چوڌري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا آهن جيڪو پي ٽي آئي جو سينيٽر آهي پر کيس ايوان ۾ پيش نه ٿو ڪيو پيو وڃي سينيٽ چيئرمين جي رولنگ تي عمل نه پيو ٿئي ۽ ايوان جي توهين ٿي رهي آهي،اينڪر شاهزيب خانزاده گذريل ڏينهن عرفان صديقي آڏو معاملو کنيو  ته يوسف رضا گيلاني ان معاملي جي ڪري اجلاس جي صدارت نه پيو ڪري، سو پي ٽي آئي جي ڳالهه ته صحيح آهي ته حڪومت بي اختيار آهي، ان تي عرفان صديقي چيو ته مان توهان  جي ڳاله سان متفق آهيان، سو معاملو کولجي ته  اها حقيقت آهي ته اسٽيبلشمنٽ سياسي منظر نامي تي  هڪ اهم حقيقت آهي.75 ورهين کان  فوج ڇانيل آهي ۽ بالادست آهي فوج پنهنجي پوري تاريخ ۾ 9 مئي واقعي کي وساري نه پئي سگهي. هڪ همراه هڪ وڏي منصب تي ويٺو  ۽ جيلن جا دورا شروع ڪري ڇڏيائين هن خواهش ڪئي ته ياسمين راشد سان به ملاقات ڪيان پر کيس روڪيو ويو ته ائين نه ٿو ڪري سگهين ٻئي پاسي اطلاع آهن ته پردي پٺيان ڳالهيون هن وقت به جاري آهن.پر ڳالهين مان 9 مئي وارو معاملو الڳ رکيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.