ڪي اين شاهه (ن ع آ+پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان گوزو کان ڪي اين شاهه تائين شارٽ مارچ، مارچ گوزو کان شروع ٿي ڳوٺ چوٻار، ٻيڙو خان، ماڻو خان، ميرحسن سميت مختلف ڳوٺن کان ٿيندو، ڪي اين شاهه شهر پهتو، جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو،ڳوٺاڻن طرفان مارچ جو وک وک تي استقبال، ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، ڪاڇي تي ڪمپنين جو قبضو نامنظور، سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو جي سخت نعريبازي ڪئي وئي. مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماھ نور ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نجيب الرحمٰن مهيسر، بختاور ملاح، فاضل کوسو، مختيار گائينچو، عاطف ملاح، يعقوب کوسو، هادي بخش کونهارو، الطاف لانگاهه، رياض پيچوهو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي صدر زرداري آئين ٽوڙيو آهي، پيپلز پارٽي ڪئنالن جي مسئلي تي ڊامي بازي ڪرڻ بدران واضع ۽ چٽو موقف رکي ۽ ڪئنال رد ڪرائڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪري، آئيني فورم استعمال ڪري، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين مان قراردادون منظور ڪرائي، ڪئنال رد نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي حڪومت کان ڌار ٿئي ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي سان به ڊڪٽيٽر ايوب ضياء ۽ مشرف جهڙو حشر ڪندو اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي، بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن، تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مڪانن سميت سموري سنڌ وڪرو ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون عسڪري ادارن سان لاڳاپيل ڪمپني گرين پاڪستان انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ معرفت غيرملڪي سرمائيڪارن کي ڏنيون پيون وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ ٻين علائقن جي 67 ھزار 651 ايڪڙ ۽ ڪي اين شاھ جي 23 ھزار ايڪڙ زمينن سميت سموري سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. گورک جي 10 هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏني وئي آهي، اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ ڇهه نون ڪئنالن سميت ڪيترن ئي ڪئنالن، ڊيمن ۽ هئڊورڪس جو ڄار وڇايو ويو آهي. نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ ۾ ڪربلا پيدا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، درياهه جو قتل ڪري سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ماڻھن کان زمينون ڦري بي دخل ڪرڻ بدران زمينون مقامي هارين ۽ ھارياڻين کي ڏئي کين جديد زرعي مشينري فراهم ڪري زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي.
چمبڙ (ن ع آ) سنڌ جون زمينون ۽ درياهه بچائڻ لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان چمبڙ ۾ ريلي، ريلي ۾ سنڌياڻيون معصوم ٻارڙن سميت مطالبن جا پلي ڪارڊ کڻي شريڪ ٿيون، ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو جا ريلي ۾ پرجوش نعرا هنيا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، عبدالرحمان سمون، خليل اوٺو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاھري، ايڊووڪيٽ سورٺ مڱڻھار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جون زمينون وڪرو ڪيون آهن، بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت مڙهي ڇڏي آهي،سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، سنڌين کان زمينون ۽ سنڌو درياهه ڦري سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا سنڌين جي نسل ڪشي جا منصوبا آهن، سنڌ جو عوام پنهنجي درياهه تي ڪو به ڪٽ برداشت نه ڪندو. ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبن کي به ڪالا باغ ديم جيان دفن ڪبو،اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا مظلوم قومن کان سڀ ڪجهه ڦري لٽي سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن کي عالمي سامراجي قوتن جو غلام بڻائڻ جا منصوبا آهن، ن ليگ جي اڳواڻن سنڌ کي ديوار سان لڳائي پاڪستان جي وفاق تي حملو ڪيو آھي.