راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان پارٽي جي صوبائي صدارت واپس وٺي ڇڏي. قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪبر ۽ عاطف خان سميت ٻين اڳواڻن عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي. علي امين گنڊاپور کي هٽائي جنيد اڪبر کي پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جو صدر نامزد ڪيو ويو. نئين چونڊيل صدر جنيد اڪبر سماجي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ عمران خان جا ٿورا مڃيا. اڊيالا جيل ٻاهران گورنر ڪي پي شاهه فرمان چيو ته علي امين گنڊاپور جي ذميواري وڌيڪ هجڻ سبب سندس ئي صلاح تي جنيد اڪبر کي صوبائي صدارت لاءِ نامزد ڪيو ويو. سلمان اڪرم راجا به ساڳي ڳالهه ڪئي.