سنڌ ۾ هن وقت گيس جي جيڪا شديد قسم جي گهٽتائي آهي ۽ سنڌ جو عوام ان کي ڪيئن ڀوڳي ٿو تنهن جو پڙاڏو ٽيون ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ به ٻڌڻ ۾ آيو جنهن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ رپورٽ به ڪيو ويو آهي. پهريون اهو پڙهون ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهو معاملو ڪيئن پيش ڪيو ويو آهي
رپورٽن موجب سنڌ اسيمبليءَ جي هلندڙ ڪارروائي دوران پ پ جي ميمبر هير سوهو پاران سنڌ ۾ گيس لوڊشيڊنگ جي مسئلي تي پيش ڪيل التوا جي تحريڪ تي بحث ڪيو ويو. هير سوهوءَ ٻڌايو ته سنڌ 61 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ڪري ٿي ۽ صوبي جي ضرورت 400 ايم ايم سي آهي پر گيس جي حالت اها آهي ته صبح جو ڇهين وڳي گيس نه هئڻ ڪري ٻارڙا نيرن ڪرڻ بنا اسڪول هليا وڃن ٿا. جڏهن ته آئين اهو چوي ٿو ته جنهن هنڌان گيس نڪري ٿي سڀ کان اڳ ۾ ان علائقي کي پوءِ ٻين کي ڏني وڃي. ايم ڪيو ايم جي راشد خان به التوا جي تحريڪ جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو گيس جي لوڊشيڊنگ کان تنگ اچي چڪا آهن. ماڻهو ته ٺهيو پر گيس جي کوٽ سبب سنڌ صوبي جون صنعتون پڻ بند ٿي ويون آهن. حيدرآباد ۾ مشهور چوڙين جو ڪارخانو گيس نه ملڻ سبب بند ٿي ويو آهي جنهن ڪري پنج لک ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن. سو سنڌ جي وڏي وزير کي وزيراعظم سان ڳالهائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته گيس نه هئڻ سان عام وهنوار پڻ شديد متاثر ٿيو آهي. گيس سلينڊر رکڻ به جان جوکم ۾ وجهڻ جو عمل آهي، گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڪيتريون ئي حياتيون پڻ ضايع ٿين ٿيون. آخر ان جو ذميوار ڪير آهي. سو وڏي وزير کي سي سي آءِ اجلاس ۾ گيس لوڊشيڊنگ جو ڪيس وڙهڻ گهرجي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڳ ۾ شهرن ۾ گيس هوندي هئي ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهو ڪاٺيون ٻاري چُلها ٻاريندا هيا پر هاڻي گيس جي لوڊشيڊنگ ناهي بلڪه گيس بلڪل به ناهي. هن چيو ته اسان التوا جي تحريڪ منظور ڪنداسين ۽ ان کي وفاق ڏانهن موڪلينداسين.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪي پارلياماني تاريخ ۾ جيڪڏهن وفاق ۾ هڪ جماعت جي حڪومت ۽ صوبن ۾ ٻي جماعت جي حڪومت آهي ته اهي هڪٻئي سان سهڪار ناهن ڪنديون ۽ ان ڪري به عوام جا مسئلا حل نه ٿا ٿين. پر هاڻي جڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي گڏيل اتحادي حڪومت آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ التوا جي تحريڪ پيش ڪرڻ، منظور ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت کي موڪلڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. پ پ جي هن وقت اهڙي پوزيشن آهي جو جيڪڏهن اها ڇهن ڪئنالن واري معاملي يا سنڌ کي گيس نه ملڻ واري اشو تي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وڃي يعني اپوزيشن جي بينچن تي ويهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هڪدم ختم ٿي سگهي ٿي. سو پ پ جيڪڏهن چاهي ته سنڌ جي پاڻي يا گيس جي کوٽ تي وڏو اسٽينڊ وٺي سگهي ٿي ۽ پنهنجا مطالبا مڃرائي سگهي ٿي ته پوءِ اها اپوزيشن جماعت واري سياست رڳو ڇو ٿي ڪري، ڇا اها صرف ۽ صرف اسڪورنگ گيم آهي ۽ سنڌ جي عوام تي اهو تاثر ويهارڻ جي ڪوشش آهي ته سنڌ حڪومت جو ڪو ڏوهه ناهي وفاقي حڪومت اصل ۾ سنڌ کي هر شئي ۾ نظرانداز ڪري رهي آهي. ڀلي اها حقيقت هجي پر ان ۾ هاڻي اڪيلي وفاقي حڪومت ذميوار ناهي، پ پ به آهي جيڪا پارليامينٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي پنهنجي سهڪار جي ٿنڀن تي بيهاري ويٺي آهي، پ پ پنهنجو سهڪار واپس وٺندي ته حڪومت اچي پٽ پوندي. پر اها به حقيقت آهي ته پ پ پنهنجي اقتداري مفادن کي عزيز رکي ٿي ايئن به آهي ته پ پ پارليامينٽ کي هلائڻ لاِءِ سهڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪا به اهم ڳالهه آهي جيڪڏهن اهي حڪومت نه ٺاهين ها ته وري چونڊن ڏانهن وڃڻو پئي ها يعني وڏو حڪومتي بحران پيدا ٿئي ها.
پر سوال اهو آهي ته پارليامينٽ جو هجڻ ڇو ضروري آهي، اقتداري جماعتن جو هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ ڇو ضروري آهي ان جو جواب اهو آهي ته جيئن پارليامينٽ اندر عوام جا مسئلا پيش ٿين ۽ انهن جي حل لاءِ فيصلا به ٿين ۽ اڳڀرائي به ٿئي مثال طور جيئن سنڌ اسيمبليءَ ۾ گيس جي شديد بحران خلاف پ پ تحريڪ پيش ڪئي آهي ۽ ان مسئلي جو اهو بال وفاقي حڪومت جي ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي پر ڇا جيڪڏهن پ پ جي وفاق ۾ حڪومت هجي ها ته پو سنڌ ۾ گيس جو بحران پيدا نه ٿئي ها. پوءِ به ساڳي صورتحال هجي ها.
اصل ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جو تصور جنرل مشرف جي حڪومت ۾ آيو ۽ پوءِ 2008 ۾ جڏهن پ پ جي حڪومت آئي ته ان ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جو دورانيو اڃان ڪجهه وڌيو وري مسلم ليگ (ن) ۽ پوءِ پي ٽي آءِ جي حڪومتن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جو دورانيو اڃان وڌندو ئي رهيو. هاڻي اها صورتحال آهي جو گيس نه هئڻ جي برابر آهي جنهن جي داستان سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي. چوڻ جو مقصد ته جيستائين سڀ پارلياماني جماعتون عوام جي مسئلن جي هڪ نُڪتي تي پاڻ ۾ گڏ نه ٿينديون ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ نه سوچينديون تيستائين اهي عوامي مسئلا حل ته ڇا نوَرٽرن پوائنٽ تي به پهچي سگهن ٿا، ان وقت کان اڳ ۾ اقتداري جماعتن کي اک پٽڻ گهرجي صرف پارليامينٽ ۾ ويهڻ مقصد نه هئڻ گهرجي پر پارليامينٽ ۾ عوام جي مسئلن جي حل جو تڪڙو ذريعو بڻائڻ گهرجي فضول وقت نه گذارڻ گهرجي.
سو هن سياري ۾ به مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي اتحادي حڪومت ۾ گيس جو بحران گذريل حڪومتن جي ڀيٽ ۾ اڃان شديد ٿيو آهي. ايندڙ سال نه ٿڌ جي موسم ۾ ايئن ئي ٿيندو ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ مسئلن جي حل جي به پاليسي آهي نه ئي ڪو مئڪنزم آهي گيس جي کوٽ ڇو آهي ، ان جو حل ڇا آهي، آئين ڇا ٿو چوي سڀني کي خبر آهي پر ان حل ۾ هٿ ڪنهن کي وجهڻو آهي سا حڪومت آهي ۽ حڪومت جي ايڏانهن ڪا سنجيدگي ناهي سکڻا احوال آهن. حڪومت جي غير سنجيدگي سبب عوام جا مسئلا حل نه ٿا ٿين.