مون کي 1980 جو ڏھاڪو ياد اچي پيو جڏھن ڪرڪيٽ جي ڪنھن رانديگر کي سنڌ ۾ سرڪاري زمين انعام ۾ ڏيڻ جو اعلان ٿيو ھئو ، ھي جنرل ضياءَ جي آمريت جو دورو ھئو ،اھڙي اعلان خلاف سنڌ دوست ڌرين سخت رد عمل جو اظھار ڪيو ھئو ،ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ ۾ اھو چيو ويندو ھئو ته ملڪ ۾ ڪو رانديگر سٺي راند نه کيڏي يا ڪا سٺي ڳائڻي ڪو سٺو ڪلام نه ڳائي تڏهن به کيس سنڌ ۾ زمين ڏني ويندي.
پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ ۾ ڪوڙن ڪليمن جي آڌار ھزارين ايڪڙ زمين ورھائي وئي ھئي ، ڪليم يا دعوا اھا ڪئي ويندي ھئي ته 1947 کان اڳ ڀارت ۾ وٽس وڏي مال ملڪيت ھوندي ھئي ان ڪري کيس مال ملڪيت ڏني وڃي، ھي سلسلو ته لياقت علي خان جي دور ۾ شروع ٿيو ھئو پر جنرل ايوب جي دور يا ون يونٽ ٽٽڻ تائين سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ نيلام ٿينديون رھيو ، بعد ۾ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار آئي ته ان زرعي سڌارا لاڳو ڪيا جنھن سبب سنڌ جي وڏن جاگيردارن کي پنھنجيون زمينون ھارين ۾ ورھائڻيون پئجي ويون ھيون ، 1988 ۾ بينظير ڀٽو جي سرڪار ۾ به ھارين ۾ سرڪاري زمينون ورهايون ويون ھيون. ٿيڻ ته ايئن ئي گھرجي ته ملڪ ۾ لکين ايڪڙ پيل زمينون مقامي ھارين ۾ ورھايون وڃن ته جيئن غربت ۽ بيروزگاري ۾ گھٽتائي اچي سگھي. خود ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ اھا ڳالهه موجود به آھي پر ان تي عمل نه ٿيو ، بلڪه جاگيرداري ،سرداري ختم ڪرڻ يا صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري ڀٽي جي فيصلن کي ملڪ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن پنھنجي خلاف سمجھي رياست کي اھو باور ڪرائيندا رھيا ته ڀٽو سوشلزم ٿو آڻڻ چاھي ، سندس روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو جيتوڻيڪ ھڪ سياسي نعرن ھئو ،يا اسلامي سوشلزم جو تصور ڪوبه فلسفو نه ھئو ،ڇو ته سوشلزم ھڪ سماجي نظام آھي جيڪو اسلامي يا غير اسلامي نه ھوندو پر ملڪ جا رجعت پسند ، مذھبي ڌريون ۽ فوج ڀٽي جي خلاف ٿي وئي ھئي ،سندس حڪومت جي خاتمي سان گڏ سندس سمورين پاليسين جو به خاتمو ٿيو.
ملڪ جي ھاڻوڪي صورتحال ۾ عمران خان سرڪار ڊھڻ بعد ڪمزور سياست دانن اھو ھر فيصلو تسليم ڪيو جيڪو عوام جي خلاف ھئو ، ھڪ اھڙو ئي فيصلو گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپني جو ھئو، ملڪ ۾ جوڙيل ايس آءِ ايف سي( اسپيشل انويسٽمنٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ) تحت ملڪ ۾ ڪيتريون ئي نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون ، جن ۾ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپني جوڙي وئي، ڄاڻايل ڪمپني موجب ملڪ ۾ 48 لک ايڪڙ زمين ڄاڻايل ڪمپني کي ڏني ويندي، ھن وقت تائين ڪمپني پاران ڏنل تفصيلن موجب سنڌ صوبي ۾ به ڪمپني کي 52 ھزار ايڪڙ زمين ڪارپورٽنگ فارمنگ لاءِ ڏني ويندي، گذريل سال فيبروري ۾ ٿيل چونڊن کان مھينو ڏيڍ اڳ سنڌ جي وزير اعلي ھائوس ۾ نگران وڏي وزير جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت ھيٺ ھڪ اجلاس ٿيو ، جنھن ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپني جو چيف حاضر سروس جرنيل به موجود ھئو ، ان شام جو ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ مان پاڻ موجود ھوس، جڏھن ٻڌايو ويو ته سنڌ ڪابينا ٿر، ڪاڇي، ۽ نارا ۾ زمين ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اسان سنڌي صحافين ڪافي سوال پڇيا ھئا ته ٻڌايو ويو ته نه ڪنھن کي لڏايو ويندو نه زمين کپائي ويندي ، بس ويران زمين کي آباد ڪيو ويندو، خير سان ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ، جيئن به ٿيون اھو ھڪ الڳ بحث آھي.
پر گذريل سال فيبروري جي آخري ھفتي سنڌ ۾ وري پيپلز پارٽي جي سرڪار آئي ، مراد علي شاھ وري وڏو وزير بڻجي ويو، سنڌ ڪابينا ۾ ڪجهه پراڻا ڪجهه نوان چھرا اچي ويا ، مھيني ڏيڍ بعد وڏي وزير مراد علي شاھ جي پھرين پريس ڪانفرنس ۾ اسان موجود ھئاسين. مون کائنس پھرين ئي پريس ڪانفرنس ۾ اھو سوال پڇيو ھئو ته اوھان جي ان ساڳي سيٽ تي موجود نگران وڏي وزير سنڌ جون زمينون گرين پاڪستان انيشيٽو کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ،ان بابت اوھان جي حڪومت جو ڪھڙو فيصلو ھوندو. جنھن تي مراد علي شاھ چيو ھئو ته اسان نگران حڪومت جي فيصلن کي ڏسنداسين ،سنڌ جي مفاد خلاف ڪوبه فيصلو نه ڪنداسين. ھن حڪومت اچڻ بعد سنڌو نديءَ تي نوان ڪينال اڏڻ جو به فيصلو ٿيو ته انڊس رورز سسٽم اٿارٽي ،ارسا جي قانون ۾ تبديليءَ جو به اعلان ٿيو ،ارسا مان صوبن جي نمائندگي جھڙو ڪر ختم ڪئي وئي، وفاقي حڪومت صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا سنڌو نديءَ تي ڇھه نوان ڪينال ٺاھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ،جنھن جي وفاقي ڪابينا ۽ پلاننگ ڪميشن باقاعدي منظوري ڏني ۽ تيزيءَ سان ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو ، خاص ڪري چولستان ڪينال جيڪو سڌي ريت سنڌو مان پاڻي کڻندو ۽ ڪينال جي نالي تي ڊئم جي برابر پاڻي کڻندو، ھن مامري تي سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽي بظاھر مخالفت ڪندي رھي پر وفاقي سرڪار سنڌ جي مطالبي کي يا ته گاھ وجھڻ لاءِ تيار ناھي يا وري سنڌ سرڪار ھن مسئلي کي فيس سيونگ جي حد تائين رکڻ چاھي ٿي.
مھينو ڏيڍ اڳ اسان ڪجهه صحافي دوستن کي بلاول ھائوس سڏايو ويو ھئو ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪچھري ڪرائي وئي ھئي ، ان ڪچھري ۾ به مون کائنس سنڌو نديءَ تي ڪئنالن بابت سوال پڇيو ھئو ته بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھئو ته وفاقي حڪومت اسان کي پٺ ۾ ڇرو ٽنبيو آھي ،سينٽرل ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ ھن مسئلي بابت فيصلو ڪنداسين. ، ھن ڪچھريءَ بعد سنڌ اسمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ ڪجهه وزيرن جي ھڪ ڳجھي ميٽنگ ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ميڊيا کي ڪونه سڏايو ويو ھئو ، ھلندڙ مھيني جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ ٿيل ھن گڏجاڻي ۾ ٽن وزيرن ۽ ڪافي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي ، ھي ڪابينا جي سب ڪاميٽيءَ جو اجلاس ھئو جنھن ۾ ضياءَ الحسن لنجار، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ محمد علي ملڪاڻي شرڪت ڪئي ، ھن گڏجاڻي ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو کي عمر ڪوٽ تعلقي جي ديهھ ھورينگو، ديهھ ڇارٿر، ۽ ديهھ ڀانياري ۾ 14008 ايڪڙ زمين گرين پاڪستان ڪارپوريٽ فارمنگ انيشيٽو ڪمپني پرائيويٽ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو .
پر ھن گڏجاڻي بابت نه ڪا پريس رليز جاري ٿي نه ڪا پريس ڪانفرنس ٿي ، اتفاق سان اھو دعوت نامو اسان جي ور چڙھي ويو جنھن جي ايجنڊا ۾ عمر ڪوٽ ۾ زمين ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ شامل ھئو. ھن گڏجاڻيءَ کانپوءِ به گذريل ھفتي ھڪ تقريب ۾ اسان وڏي وزير کان ڄاڻايل گڏجاڻي بابت پڇيو ته چوڻ لڳو مون کي گڏجاڻي جي ته خبر ناھي پر 52 ھزار ايڪڙ اسان غير آباد زمين ڏينداسين جنھن لاءِ اسان کين چيو ته پاڻي جو ھو پاڻ بندوبست ڪن. اھا پڪ ٿي وئي ته سنڌ ۾ 14 ھزار ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي جنھن ۾ ڪاڇي جو گورک ھلز اسٽيشن وارو علائقو به شامل آھي ، خيرپور ضلعي ۾ نارا ،بدين ضلعي ۾ ماتلي ، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا شامل آھن جتي ڪارپورٽنگ فارمنگ ٿيندي ، پر سوال اھو آھي ته پاڻي ڪٿان ايندو ، سنڌ جي پاڻي تي اڳ ئي چولستان ڪينال ذريعي ڌاڙو لڳي پيو ڇوته گرين پاڪستان انيشيٽو کي لکين ايڪڙ زمين چولستان م ملي وئي آھي ، 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻي آھي ، جڏھن ڪالا باغ ڊيم ٺاھڻ لاءِ زور پئي ڀريو ويو ته تڏھن به سنڌ جي ماھرن جي اھا راءِ ھئي ته ڪالا باغ ڊيم مان ڪينال ڪڍي چولستان جون زمينون آباد ڪيون وينديون ھاڻي ڪالا باغ ڊيم نه ئي سھي ڪئنالن جي نالي تي ساڳيو ڪم ٿي رھيو آھي جنھن مان واضح آھي ته سنڌ جو پاڻي کنيو ويندو.
افسوس ته اھو آھي ته ھارين ۾ زمينون ورھائڻ واري پيپلز پارٽي ھاڻي سنڌ جون زمينون ڪمپني سرڪار حوالي ڪري پئي ، سنڌ جنھن ڪنھن رانديگر کي انعام ۾ ڪجهه ايڪڙ ملڻ تي مزاحمت ڪئي ھئي اڄ ھزارين ايڪڙ زمين وڃڻ تي مزاحمت نه پئي ڪري ڇو ته سنڌ جي حڪمران پارٽي بينظير ڀٽو جي ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجھد وانگر ھاڻي اھڙي جدوجھد لاءِ تيار ناھي ، گرين انيشيٽو خلاف به پيپلز پارٽي جي سرڪار کي فيس سيونگ گھرجي ، اصولي طور تي سنڌو نديءَ مٿان ڪينال اڏڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپورٽنگ فارمنگ ڏيڻ جا ٻئي مسئلا ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل آھن ، پيپلز پارٽي جي ھاڻي ته سينٽرل ڪاميٽي جي گڏجاڻي به گذريل ڏينھن ٿي وئي پر ان ئي ڏينھن بلاول ڀٽو زرداري اھو به فرمايو ته شھباز شريف جي سرڪار پنج سال پورا ڪندي ، مطلب ته پيپلز پارٽي پنج سال سندس اتحادي رھندي ،ته پڪ ڄاڻو ته انھن پنجن سالن دوران سنڌو نديءَ تي ڪالا باغ جيترو پاڻي کڻندڙ ڪينال به ٺھي چڪا ھوندا، سنڌ جون زمينون به ڪمپني سرڪار حوالي ٿي چڪيون ھونديون ، اھڙن فيصلن جا نقصان سالن ۾ ظاھر ٿيندا، سنڌ گھڻو ڪجهه ڀوڳي چڪي ھوندي ، پر ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ خلاف اھڙن فيصلن سان رياست کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو بلڪه بلوچن وانگر سنڌين جي دلين ۾ به نفرت وڌندي ڇوته سنڌ بھرحال پيپلز پارٽي ئي ناھي.