ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميم خلاف فيڊريشن آف آل پاڪستان اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ جو احتجاج جاري رهيو. ڪراچي يونيورسٽي سميت سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ استادن بائڪاٽ جاري رکيو. فپواسا جو مطالبو آهي ته وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميمون واپس ورتيون وڃن. فپواسا چيو ته وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ ڄاڻايل ترميمون واپس نه وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو.