اڳوڻي آمريڪي صدر عافيا صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي

واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ان اڳڀرائي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ ڏيهه واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، ڊاڪٽر فوزيا صديقي ۽ سندس آمريڪي وڪيل ڪلائيو اسمٿ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن ڊاڪتر عافيا صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا پاڪستان سان قيدين جي ازادي جي معاهدي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق رمارڪس ڏنا ته آمريڪا اسان کي اسان جي اوقات ڏيکاري رهيو آهي، اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي پٽ جي ته سزا معاف ڪئي پر اسان جي قيدي کي آزاد ناهي ڪيو. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي پرڏيهه جي دورن تي تفصيلن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي ڊاڪتر عافيا بابت ملاقاتن ۾ شرڪت نه ڪرن تي به جواب جمع ڪرايو ويو. عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.