چيني سيڙپڪار پوليس جي ڀتاخوري خلاف عدالت پهچي ويا، وطن واپسي جو چتاءُ

ڪراچي (رپورٽر) چيني سيڙپڪار پوليس جي مبينا هراسان ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ پوليس جي مبينا طور تي هراسان ڪرڻ خلاف چيني سيڙپڪارن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست 6 چيني سيڙپڪارن طرفان داخل ڪئي وئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير، چيف سيڪريٽري،  آءِ جي، سي پيڪ سيڪيورٽي، ملير پوليس جي عملدارن، چيني سفارتخاني ۽ ٻين کي به ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس جي هراسان ڪرڻ ۽ ڀتا خوري کان بچايو وڃي نه ته لاهور يا واپس چين هليا وينداسين. درخواست ۾ الزام هنيو ويو ته ايئرپورٽ کان وٺي رهائشگاهه تائين پوليس طرفان رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، بليٽ پروف گاڏين جي نالي تي ڪلاڪ انتظار ڪرايو وڃي ٿو ۽ رشوت ڏيڻ تي پوليس عملدار پنهنجي گاڏين ۾ رهائشگاهه پهچائين ٿا. الزام هنيو ويو ته رهائشگاهن تي به سيڪيورٽي جي نالي تي واڙيو وڃي ٿو، ٻاهران تالا هنيا وڃن ٿا. چرپر کان محروم رکيو وڃي ٿو، گڏجاڻيون نٿا ڪري سگهون. عدالت ٻڌڻي کانپوءِ نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.