پ پ پاران ڪئنال تڪرار نبيرڻ لاءِ سي سي آءِ اجلاس فوري گهرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(م د) پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ٺاهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس فوري طور تي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سي اي سي جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس بعد مرڪزي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري،  شيري رحمان، شازيا مري ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرم جي صورتحال بابت سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي ذميواري پوري ڪن ۽ اتي جي امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ امن قائم ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪميٽي حڪومتي واعدي موجب پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نيئر بخاري چيو ته سي اي سي پاران تڪراري ڪينالن جي اڏاوت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فوري اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪو 11 مهينن کان التوا جو شڪار آهي، تڪراري ڪئنالن جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي فوري طور تي کڻڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي قرارداد ۾ پي ڊبليو ڊي، ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ، يوٽيلٽي اسٽورز، پاسڪو، اين ايف سي ۽ ٻين ادارن ۾ مزدور دشمن ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، هن چيو ته اجلاس ۾ هن حڪومت جي زرعي پاليسي تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ وفاقي حڪومت کان فوري فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ سنڌ جي وجود تي وار آهي: اسدالله ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسد الله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي صدر علامه باقر زيدي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري ايڊووڪيٽ ۽ جي يوپي سنڌ جي صدر صاحبزاده افتخار عباسي سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري کين جماعت اسلامي طرفان آچر26 جنوري تي حيدرآباد ۾ ”سنڌوءَ مان غيرقانوني 06 نوان ڪئنال ڪڍڻ توڙي سنڌ ۽ زراعت کي درپيش خطرا“ جي عنوان هيٺ ” پاڻي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، سياسي توڙي ديني اڳواڻن پاڻي ڪانفرنس کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي پنهنجي شرڪت جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي مولانا اسد الله ڀٽو چيو ته سنڌ جي عوام شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ زبردست احتجاج وسيلي سنڌوءَ درياءَ مٿان ٺهندڙ ڇهه نون ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪمپني سرڪار حوالي ڪرڻ وارو فيصلو سنڌ جي وجود تي وار آهي جنهن کي هرگز برداشت نٿو ڪري سگهجي، حڪمرانن جي سنڌ دشمن فيصلن خلاف لاڳيتو اڻ کٽ جدوجهد جي ضرورت آهي. وفد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو اڳوڻو امير محمد حسين محنتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، ياسين لطيف، مير محمد بُليدي، طارق جاويد آرائين سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

”ڪينال رٿا تي سنڌ ۾ ڳڻتي آهي“ شاهه محمد شاهه جو وزيراعظم کي خط

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سينئر نائب صدرسيد شاھ محمد شاھ پاران سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال نه ڪڍڻ جي حوالي ملڪ جي وزير اعظم شھباز شريف ڏانھن ليٽر لکي سنڌ جي  احتجاج بابت آگاھي ڏني آھي. ليٽر ۾ لکيو ويو آھي ته  پاڪستان جي ھڪڙي اھم مسئلي ڏانھن توھان جو ڌيان ڏيارڻ گھران ٿو. اھو مسئلو نھايت ئي نازڪ ۽ سنڌي ماڻھن جي بقا جو پڻ آھي. سنڌو درياھ  تي تڪراري ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن. عالمي اصول اھو آھي ته درياھ تي سڀ کان اڳ حق آخري حصي وارن جو ھوندو آھي، ان ڪري سنڌو درياھ تي پھريون حق سنڌ جو آھي. ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي ته پاڻي جي مسئلي تي قائد ميان محمد نواز شريف پاران سنڌ حڪومت ۽ وفاق پاران 1991ع ۾ ھڪڙو معاھدو ڪيو ھو، جنھن جي روشني ۾ ڪو به صوبو ڪنھن ٻئي صوبي جي پاڻي تي حق نه ٿو رکي. ان ڪري گذارش آھي ته انھيءَ سنجيدھ مسئلي تي جلد سي سي آءِ (CCI) جو اجلاس گھرايو وڃي. توھان بحيثيت وزير اعظم پاڪستان اجلاس گھرايو ۽ ان ۾ پاڻي تي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ مان پاڻي جي ماھرن کي به گھرايو، ان ۾ دير وفاق جي لاءِ خطرو ھوندو. پاڪستان مختلف قومن جو وفاق آھي. مھرباني ڪري وفاق کي برقرار رکڻ لاءِ انھيءَ ڳنڀير مسئلي تي جلد کان جلد سي سي آءِ جو اجلاس گھرايو”.

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمين الاٽمينٽ رد، ڪينال رٿا ڪالاباغ ڊيم کان خطرناڪ آهي: جي ڊي اي

ڪراچي( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي ڪور ڪميٽي جو اھم اجلاس پير صاحب پاڳاري جي صدارت م راجا ھاؤس م ٿيو،اجلاس م 8 فيبروري 2024 جي چونڊن کي ٻيھر رد ڪيو ويو،ان جعلي چونڊن خلاف 8 فيبروري تي سڄي سنڌ م ڪارو ڏينھن ملھائڻ جو اعلان  ڪيو ويو.  ان ڳالھ تي  ڳڻتي جو ظھار ڪيو ويو ته 26 ھين آئيني ترميم ملڪ م آئيني بحران کي جنم ڏنو آھي، اھڙا جج مقرر ڪيا پيا وڃن جن جو تعلق سياسي پارٽي سان آھي.  اجلاس م پيڪا قانون کي آزاد صحافت تي حملو قرار ڏنو ويو. سنڌو درياء مان وڌيڪ ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ واري فيصلي کي به رد ڪيو ويو. جي ڊي اي پاران ڪراچي ۾ پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ عوامي جلسو ڪوٺائڻ جي تجويز ڏني وئي. اھڙو اظھار جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي اجلاس بعد جاري بيان ۾ ڪيو ويو. اجلاس م پيڪا قانون کي ميڊيا دشمن ء عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪيو ويو،حڪومت عوام جي عوام صحافت کي دٻائڻ چاھي ٿي جنھن کي ڪنھن ب صورت م عوام قبول نه ڪندو. سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ ،دادو،بدين،خيرپور،ٺٽي،گھوٽڪي ء ٻين ضلعن جي ھزارين ايڪڙ زرعي زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ تي به ڳڻتي جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت جي مذمت ڪئي وئي،اجلاس م ارسا ايڪٽ م ترميمون ڪري سنڌو درياء مان وڌيڪ ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ کي ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏيندي رد ڪيو ويو. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته يونيورسٽي استادن جي احتجاج جي اسان ڀرپور حمايت ڪيون ٿا ، شاگرد يونين بحال ڪيون وڃن. اجلاس م جي ڊي اي پير صاحب پاڳاري کي ڪراچي م عوامي جلسي جي تجويز ڏني وئي جنھن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويو.

،اجلاس ۾ سيد صدرالدين شاھ راشدي، سيد زين شاھ، سيد راشد شاھ، ڊاڪٽر فھميدا مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سردار عبدالرحيم، اياز لطيف پليجو، مسرور جتوئي، راحيلا گل مگسي، نند ڪمار گوڪلاڻي، سيد زاھد زيدي، محسن مگسي ء ٻين شرڪت ڪئي.

ڪئنال رٿا خلاف کورواھ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

کورواھ (پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر بچل احمداڻي، يوسف لاشاري، اصغر نوتڪاڻي، حسين مھيري، وڪيو لاشاري، گيانچند مھيشوري، سفير نظاماڻي، اسماعيل مهيري، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي مين بس اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گولاڙچي ۽ بٺورو ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان موقعي تي بچل احمداڻي خطاب ڪندي چيو ته 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سر سبز سنڌ بنجر ٿي ويندي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال جوڙي سنڌ جي عوام کي مارڻ چاھين ٿا. پيپلزپارٽي پارٽي جا حڪمران اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي  سنڌو درياءَ تي حملا ڪرائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، يوسف لاشاري چيو ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي، اصغر نوتڪاڻي چيو ته اسين سنڌو دريا تي ڌاڙي جي غير قانوني فيصلي ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي شريڪ سمجھون ٿا، احتجاج کي اسماعيل مھيري، سفير نظاماڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.