سرڪاري يونيورسٽين ۾ بائڪاٽ جاري رکڻ جو چتاءُ

ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميم خلاف فيڊريشن آف آل پاڪستان اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ جو احتجاج  جاري رهيو. ڪراچي يونيورسٽي سميت سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ استادن بائڪاٽ جاري رکيو. فپواسا جو مطالبو آهي ته وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميمون واپس ورتيون وڃن. فپواسا چيو ته وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ ڄاڻايل ترميمون واپس نه وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.