سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف وڪيلن پاران 6هين ڏينهن به بک هڙتال

ڪراچي(رپورٽر)سنڌو درياهه مان 6 ڪينال  ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون پرائيويٽ ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران ڇهين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي، ايڊوڪيٽ خليل انصاري، ديدار چانڊيو، جاويد حاجاڻو، صالح ملاح، اياز سولنگي ۽ اشفاق پنهور جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پاران بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو،مظاهري چيو ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ غيرقانوني ۽ غير آئني 6 ڪينالن خلاف سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي سنڌ دشمن عمل کي روڪيو وڃي،گرين انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي وفاقي حڪومت سنڌ جي زمينن کي غير آئيني طور ورهائڻ بند ڪري،هنن چيو ته  اڳ ۾ ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهي،پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب پڇڙي جا آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ سنڌ جي ڊيلٽا به تباهه ٿي وئي آهي، سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جي پاڻي تي صرف سنڌين حق آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي آهي ئي نه ته 6 ڪينال ڪيئن پيا ڪڍيا وڃن؟،  وفاقي حڪومت جو اهيو منصوبو سنڌ کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي، ڪنهن به صورت ۾ وفاقي حڪومت جو اهيو فيصلو قبول نه ڪيو ويندو، جيستائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 6 ڪينالن ۽ سنڌ جو زمينون نجي ڪمپنين کي ڏيڻ وارو فيصلو واپس نه وٺنديون  تيستائين بک هڙتال جاري رکي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.