لاڙڪاڻي ۾ هٿياربند نوجوان کي مارڻ بعد گهر ۾ گهڙي عورت به قتل ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو  (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) لاڙڪاڻي لڳ رتوديرو روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند مبينا ڪارنهن الزام هيٺ بنگل ديرو جي ڳوٺ نور محمد بروهي واسي 28 ورهين جي موٽرسائيڪل سوار  رياض حسين کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا ۾ گهر  اندر گهڙي پرڻيل عورت تهمينه بروهي  گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان ۽ عورت کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي  ايمرجنسي اسپتال لاڙڪاڻي نيو جتي علاج دوران ئي نوجوان ۽ عورت زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول نوجوان جي وارثن اياز علي بروهي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول آهن ته واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.