پاڪستان ۾ مائرن مردن جي تربيت ٺيڪ ناهي ڪئي: جسٽس محسن اختر ڪياني

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ مائرن مردن جي تربيت  ٺيڪ ناهي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻار جي حوالگي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ٻالڪ کي پاڻ سان ڪرسي تي ويهاريو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻارن يا ماءُ پيءُ کي عدالتن ۾ نه اچڻ گهرجي، فيصلو سولو آهي پر ڪنهن جي اندر محبت نٿا وجهي سگهون. ٻارن کي سنڀالڻ سولو آهي، ماءُ ڪري، پيءُ يا ڪو ٽيون. ٻار جنهن سان به هجي، ٻئي خلاف ٿي وڃي ٿو. جج چيو ته 7 سال يا وڏي عمر جو ٻار پاڻ کي سنڀالي سگهي ٿو. ٻار کي ان لاءِ گڏ ويهاريو ته هو پاڻ ٻڌائي ته ڪنهن سان رهڻ چاهي ٿو. ڪنهن سان زبردستي نٿا ڪري سگهون، جتي ماءُ پيءُ هڪ ٻئي جي عزت نٿا ڪن اتي ٻار به سندن عزت نٿا ڪن. هن چيو ته ناڪاري اثر ختم ڪرڻ گهرجن. عدالتون بدلو وٺڻ جي جاءِ ناهن ۽ نه ئي وڪيل ٽول آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ مائرن مردن جي تربيت ٺيڪ ناهي ڪئي. مون کي لڳي ٿو ته ماءُ پيءُ ٻنهي کي سائڪاٽرسٽ وٽ موڪلڻ گهرجي. تنهن کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.