منو ڀائي: انسانيت جو علمبردار

تحرير: آفتاب حسين

منير احمد قريشي، جيڪو منو ڀائي جي نالي سان ڄاتو ويندو ھو.اسان جي ادبي،سماجي ۽ انساني تاريخ جو ھڪ چمڪندڙ ستارو ھو.وزيرآباد،پنجاب جي سرزمين تي جنم وٺندڙ منو ڀائي پنھنجي زندگيءَ جي ھر پھلو ۾ انسانيت جي خدمت کي اوليت ڏني.ھو نھ رڳو ھڪ ڪالم نگار،شاعر ۽ ڊراما نگار جي طور تي مشھور ھو بلڪھ  ھن پنھنجي شخصيت جي دائري کي انسانيت ڀلائي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.ھن جي سوچ، لکڻي ۽ عملي خدمتون سڀ انسانيت جي لاءِ محبت ۽ قرباني جو عملي نمونو ھيون.

منو ڀائي ڪي وڏن ڪارنامن مان ھڪ وڏو ڪارنامو سندس فائونڊيشن سان جڙيل ھئڻ آھي.جتي ھن سن 2000 کان چيئرمين جي حيثيت سان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.سندس فائونڊيشن جو مقصد ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي مريضن کي زندگيءَ جي نئين روشني ڏيڻ ھو. ھي فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ مريضن جي لاءِ رت جي منتقلي، تشخيص ( بيماري جي سڃاڻپ ڪرڻ)۽ معياري نظرداري فراھم ڪري ٿي، جيڪي ان بيماري کان متاثر آھن.

منو ڀائي جي قيادت ۾ سندس فائونڊيشن ھڪ معتبر اداري طور پنھنجي سڃاڻپ جوڙي،ھن ان ڳالھھ تي زور ڏنو تھ رت جو عطيو ڏيڻ ھڪ مقدس عمل آھي ۽ ان کي انسانيت جي خدمت جي اعليٰ ترين صورتن مان ھڪ قرار ڏنو.ھن جا لفظ ھميشھ ماڻھن کي رت جي عطئي ڏين جي ترغيب ڏيندا رھيا ۽ ھن ھر فورم تي ان ڳالھھ کي اجاگر ڪيو تھ اھو عمل زندگيءَ بچائڻ برابر آھي.

منو ڀائي عوامي سجاڳي وارين مھمن ذريعي ٿيليسيميا جي روڪ ٿام تي زور ڏنو.ھن شادي کان اڳ ۾ ٿيليسيميا جي تيسٽ جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ “سن ميڪ SUNMAC ) جھڙي جديد مرڪز جي شروعات ڪئي. ھن جو پيغام صاف ۽ چٽو ھو :” ٿيليسيميا جا مريض پنھنجي بيماري کي ڪمزوري نھ سمجھن بلڪھ ان کي ھڪ چئلنج جي طور تي قبول ڪن ۽ پنھنجي ڪاميابي جا نوان بابب لکن“ ھن کي يقين ھو تھ سماج ان وقت ترقي ڪندو جڏھن اسين بيمارين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪري ڪم ڪنداسين،

منو ڀائي نھ رڳو عوام بلڪھ حڪومت پاڪستان کي بھ ٿيليسيميا جي روڪ ٿام جي لاءِ قدم کڻڻ جي تلقين ڪئي. ھن اولهھ جي ملڪن جو مثال ڏنو، جن ان بيماري تي قابو پائي ورتو آھي ۽ پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو تھ اھا انھن جي قدمن جي نشان تي ھلندي پنھنجي عوام کي بھترين زندگيءَ فراھم ڪري.ھن جي نظر ۾ ٿيليسيميا جو خاتمو ھڪ قومي ذميواري ھئي ۽ ان جي لاءِ حڪومتي ۽ عوامي ڀائيواري اڻٽر ھئي.

منو ڀائي کي يقين ھو تھ سندس فائونڊيشن جي نگراني ھيٺ ٻار جي بھترين  طبي نگھداشت جا حقدار آھن. ھو ھميشھ انھن ٻارن جي لاءِ بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي لاءِ  جاکوڙ ۾ رھيو. ھن جو خواب ھڪ جديد ترين اسپتال ھو.جتي ٿيليسيميا ۽ ھيمو فيليا جي مريضن کي ھر ممڪن علاج ۽ سھولت مهيا ڪري سگھجي. اھو خواب سندس وفات کانپوءِ بھ زندھ آھي ۽ ان تي ڪم جاري آھي.

منو ڀائي جي خدمتن کي پاڪستان جي اعليٰ ترين اعزازن سان نوازيو ويو. 2007 ۾ کيس ” پرائيڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ ڏنو ويو ۽ 2018 ۾ سندس وفات بعد کيس ”ھلال امتياز“ سان نوازيو ويو.اھي اعزاز کيس ھن جي بي مثال خدمتن جي عيوض ڏنا ويا.جيڪي ھن پنھنجي حياتيءَ ۾ انسانيت جي خدمتن جي لاءِ انجام ڏنيون.19 جنوري 2018 تي 84 سالن جي عمر ۾ منو ڀائي دنيا مان موڪلائي ويو.پر ھن جون يادگيريون ۽ ھن جون خدمتون ھميشھ زندھ رھنديون. سندس زندگيءَ اسان کي اھو سبق ڏئي ٿي تھ انسانيت جي خدمت سڀني کان وڏي عبادت آھي.سندس پوئواري ڪندي اسان کي پنھنجي زندگي ۾ ٻين جي لاءِ آسانيون پئدا ڪري سگھون ٿا ۽ ھن جي مشن کي اڳيان وڌائي سگھون ٿا.

منو ڀائي جي زندگيءَ ھڪ روشن مينار آھي،جيڪا اسان کي انسانيت ۽ محبت جو درس ڏئي ٿي. اسان کي گھرجي تھ ھن جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ھڪ قوم جي طور تي متحد ٿيون ۽ ٿيليسيميا کان پاڪ پاڪستان جي لاءِ ھن جي مشن کي حقيقت ۾ بدلايون.

(ليکڪ ايئر وائيس مارشل رٽائرڊ آهن)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.