ساحلي پٽي ۾ مهاڻن کان شڪار جو حق نه کسيو

تحرير: مقصود احمد جوکيو 

سنڌ جيتوڻيڪ وسيلن ۾ خود ڪيفل صوبو آھي. تنهن باوجود سنڌ جا وسيلا به سنڌ جي قسمت نه بدلائي سگهيا. سنڌ ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود اڄ به ترقي نه ڪري سگهي آھي ۽ سنڌ تي ڌارين جو قبضو آھي. جنهن جي ڪري سنڌ جي مالڪن سنڌين کي انهن مالي وسيلن کان محروم رکيو ويو آھي. ڪيترائي سنڌ جا نوجوان بک. بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آھين ته ڪيترائي خاندان وري پنهجي ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن. سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي عياشون پيا ڪن. جن سنڌ جي واڳ ڌڻين کي به سندن حال تي ڪوبه رحم نٿو اچي ۽ اهي اکين کان انڌا. ڪنن کان ٻوڙا ٿي ويا آھن. سنڌ جا ماڻھو اهڙي رويي ۽ روش خلاف مختلف وقتن بوقت احتجاج ڪندا رهيا آھن، پر انهن جي احتجاج تي ڪوبه ڌيان نٿو ڏنو وڃي هاڻي پاڻ  ڳالهه ڪنداسين سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي ڪوسٽل جي ساحلي پٽي جي

هونئن ته ڪافي سالن کان وٺي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي زمينن تي مختلف طريقن سان قبضن جو سلسلو تيز ٿيل آهي، ڀنڀور جي سوين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ان تي ڪڪڙن جا فارم، زراعت، مڇين جا تلاءَ ۽ لوڻ جي ڪارخانن سميت مختلف نالن سان قبضا ڪري غير قانوني طور پلاٽنگ به ڪئي پئي وڃي، هن ماڳ جو جڏهن وجود رکيو ويو، تڏهن ڀنڀور لڳ ڀڳ 640 ايڪڙ زمين تي ٻڌل هو، جنهن زمين جا کاتا تبديل ڪري ان کي هاڻ وڃي 307 ايڪڙ زمين تي ڏيکاريو ويو آهي، ڀنڀور لڳ رهندڙ ماڻهن کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪري سندن ٻارڙن کي تعليم کان به پري رکيو ويو آهي، ناانصافي جو سلسلو اتي ناهي رڪجي سگهيو پر هاڻي ساحلي ڪناري تي قائم ونڊ مل ڪمپني انتظاميا ڀنڀور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ مقامي مهاڻن کي اتان جي ساحلي پٽيءَ مان مڇي جي شڪار کان به روڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هتان جا رهواسي مقامي مهاڻا نسل درنسل اتان مڇي جو شڪار ڪندا رهن ٿا، انهن جي زندگي جو گذرسفر مڇي جي شڪار تي آهي، هو نه ٻيو ڪم ڪري سگهن نه ٻيو ڪو روزگار کين ڪرڻ لاءِ مليو آهي، پر هاڻي وقت جي ڏاڍن سندن اهو روزگار به کسي ورتو آهي، جنهن ڪري مهاڻا پريشان ٿي بک ۽ بدحالي جي ورچڙهي ويا آهن، سندن ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن.

جيتوڻيڪ هتان جا مهاڻا پيپلز پارٽي کي سدائين ووٽ ڪندا رهيا آهن، پر ساڻن ٿيندڙ ايڏي وڏي ظلم جي باوجود پيپلز پارٽي جي ڪنهن به چونڊيل ايم پي يا صوبائي وزير سندن دانهن جو جواب ناهي ڏنو، جنهن ڪري سوين مقامي مهاڻا روزگار کسجڻ خلاف گذريل 24 ڪلاڪن کان ونڊ مل ڪمپني جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن، مهاڻن جي احتجاج دوران نعريٰ هڻي پنهنجي روزگار جا دروازا کولڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن.

مهاڻن جي هن احتجاج ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن اسيمبلي ميمبر، وزير يا صلاحڪار ته شرڪت ناهي ڪئي پر مقامي يوسين جا چونڊيل نمائندا، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هن احتجاج جو حصو ٿي مهاڻن سان انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ٺٽي جي ساحلي تعلقي ميرپورساڪرو جي ساحلي ٽن يوسين ڀنڀور، ڪڪڙانڊ ۽ کڳاڻ جي متاثر سوين مهاڻا محمد اسحاق ملاح، زبير ملاح، احمد ڪڇي، عباس بلوچ، ابراهيم محمد حسن ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳل آهي، جنهن ۾ يوسي ڪڪڙانڊ جو چيئرمين حبيب الله بلوچ، يوسي کڳاڻ جو چيئرمين خان محمد بلوچ، وائيس چيئرمين رحيم خان شورو، ضلعي ڪائونسل جو ميمبر سچل خاصخيلي، سياسي سماجي اڳواڻن يار محمد لاشاري، غازي جوکيو، عباس ڪلمتي، احمد ڪڇي به ساڻن گڏ ويٺل آهن.

ٽنهي يوسيز جي مهاڻن کي نه صرف مڇي مارڻ کان روڪيو ويو آهي، پر سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي کين پنهنجي قديمي قبرستان ۽ سامونڊي تڙ تي به وڃڻ کان روڪي ويو آهي، جنهن سان هو سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن، هوڏانهن متاثر مهاڻا مڇي مارڻ واري روزگار بند ٿيڻ ڪري بيروزگار ٿي فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آھن، غريب ماهيگيرن جي گذر جو واحد وسيلو مڇي ماري پيٽ پالڻ آھي، هڪ طرف زمينن تي قبضا ڪري مختلف ڪمپنين کي وڪرو ڪري مقامي ماڻهن کي بي گهر ڪيو وڃي ٿو، بنا نوٽيس ڏيڻ جي ڀنڀور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڳوٺن ۽ قديمي وسندين جي ڀڃ ڊاهه جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف ماڻهن کان روزگار جو حق به کسيو پيو وڃي، اهڙي ناانصافي کان پوءِ هتان جا ماڻهو پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪري رهيا آهن.

هاڻ سوال آھي ته چائنا انڊسٽريز زون جو ته انهيءَ ۾ مقامي ماڻھن لاءِ ملازمت ۾ اوليت جي بنياد تي رکيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي ته ان تي عمل ڪرائي جيڪڏھن هن زون ۾ به مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو ته پوءِ انهيءَ زون جو سنڌين کي ڪهڙو فائدو ٿيندو اهو به واضح ڪيو وڃي.هتي سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ليبر لا تي ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي، جيڪڏھن ڪو پورهيت زخمي ٿئي ٿو ته ان جو علاج نه ٿيڻ جي ڪري اهو تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي وڃي ٿو، مقامي ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.

هن وقت ٺٽي ضلعي جي ڪا به ديهھ ڪوڙن کاتن ۽ قبضن کان آجي ناهي، ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي قبضا ڪيا پيا وڃن، گهارو ڪريڪ کان وهندڙ کارو پاڻي سم جي صورت ۾ هر روز ڀنڀور جي آثار قديمه کي نقصان پهچائي رهيو آهي، ٻئي طرف قبضن جو سلسلو جاري آهي، هاڻي روزگار کسڻ هڪ تاريخي ۽ وڏي ناانصافي ٿيندي، جنهن کي روڪڻ لاءِ اعليٰ اختيارين کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجي، مهاڻن جي لڳل ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي ونڊ مل ڪمپني کي پابند بنايو وڃي ته اها ڪنهن مقامي مهاڻي کي ساحلي پٽي تان مڇي مرڻ جو حق نه کسي ۽ کين پنهنجي قديمي قبرستان تائين رسائي ڏيڻ گهرجي، ترقي جي نالي تي ڪنهن سان ناانصافي ماڻهن کي قبول ناهي، هاڻي ماڻهو مزاحمت واري رستي تي لهي آيا آهن، جنهن ڪري ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو، اهڙي معاملي جو ايم پي اي علي حسن زرداري سميت هتان جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي تڪڙو قدم کڻي پنهنجن ووٽرن کي مان ڏيڻ گهرجي ۽ سندن روزگار جو تحفظ ڪرڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.