پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جلد آزاد ٿيندو.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته عمران خان خلاف ڪي ثبوت ناهن، سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.
صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان راڻا ثناءُ الله کان سياسي انتقام نه ورتو؟ ان تي هن وراڻيو ته راڻا ثناءُ الله ٽي چار بيان تبديل ڪيا، هو پنهنجي ڪيس جي حوالي سان پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پارليامينٽيرينز کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي.
Next Post
You might also like