اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جو چوڻ آهي ته مني ٽريل ثابت ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، قاضي فائز عيسيٰ به مني ٽريل جا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ڪال اپ نوٽيس خلاف شهري ڊاڪٽر تاشفين خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نيب مني لانڊرنگ جي الزام ۾ ڊاڪٽر تاشفين خان کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل چيو ته اسين قانوني طريقي سان پئسا ٻاهر منتقل ڪيا، مني ٽريل موجود آهي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته مني ٽريل جا ثبوت آڻيو، آئون توهان جي درخواست منظور ڪري ڇڏيندس، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته مني ٽريل ثابت ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، قاضي فائز عيسيٰ به مني ٽريل جا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.